ڏس خُدا جي گهر کي، ڏس خُدا جي گهر کي، آدمي آهي بنايو. مُصّلا ۽ مسجدون، ڀڳوان ۽ مندر کي- آدمي آهي بنايو. بُک کي ڀورا ڪري، کيت لاءِ هَرّ کي- آدمي آهي بنايو. هر هُنر هٿ ۾ رکي، زندگي لئه زهر کي- آدمي آهي بنايو. †