هي جو مُنهنجا گيت اُڏاڻا...
پکين سان گڏ پولارن ۾
تن جي راڳن رقص رچايو
راتيون جاڳيندي تارن ۾
اُڀ مان ڳالهين ڳاٽ کنيا هن
گيتن جو ڪو گيان ٻُڌڻ لئه
گهوريو خوب گهٽائن گرجي
گهايل ڪو انسان ٻُڌڻ لئه
هاءِ ڪکائون گهر گيتن جو
جنهن ۾ ڏيئو ڏات ٻري ٿو
اونداهين جون اکيون ساڙي
ڀڙڪي ساري رات ٻري ٿو
تنهن کي ڪائي مات نه آهي
جڳ سڄي کي پيو جرڪائي
چنڊ لٿو آ چانڊوڪيءَ سان
ڪيٽي بندر جي ته ڪنڌيءَ تي
سمنڊ جُوار ۾ جوان لڳي ٿو
خود ۾ لهرن کي لوڏي ٿو
هو جي سڙھ هوا جي هٿ سان
ڪيڏا ڇڪجي ڇيهون ٿيا هن
تيز هوا ۽ طوفانن ۾
رولاڪين جون ريهون ٿيا هن
ناکئا ويٺا ونجهه ورائين
غورابن جا گس بدلائين
نٽهڻ اُس جا نيڻ سُمهاري
شام شفق تي لالي هاري
هُن جا چپ چُمڻ ٿي چاهي
هوءَ جا مُهاڻي مُرڪن هاڻي
راڄ سڄي ۾ آهي راڻي
هاءِ بتيلن جي بستيءَ ۾
ماڪ ڦُڙا ڄڻ ڪنول ڪليءَ ۾
توريان تنهن کي ڇا تشبيھه ۾
سا ئي منهنجي ساهن ۾ اڄ
سڪ سان سِرجي آ ساماڻي
ها سا گج ۽ گربيءَ هاڻي
سونهن سان سٿيل آ سنڌياڻي
ها سا منهنجي من جي مُهاڻي
منهنجن گيتن جي ساٿياڻي!
†