حياتي...
وڌيا پيريءَ ڏي پيرا
دونهاٽيل ديد جا ديرا
سمورا پيار جا پيالا
هٿن مان هارجي ويا هن
حياتي ڄڻ ته بيواھ جو
ڪو ڀيليل ڀاڳ ٿي پئي آ
چپن جون موسمون ميريون
ڏهاڙي ڏُهاڳ ٿي پئي آ
اُداسين جي ته اوڙاھ ۾
ذيان ٿي زندگي آهي
خيالن مان خوشي پنهنجا
وئي پرڙا ته آ کوهي
بدن جي بيسرائيءَ سان
لُڇو ايئن لڱ لڱ آهي
سڻيءَ جا سوڪ تي ڦٿڪا
لُڙاٽيل ڪُن ۾ ڪڙڪا
هوائن جي هٿن ۾ جيئن
جهنڊي ڦاٽل جا ڪي ڦڙڪا
تصّور تڙپ جون تارون
وڄائي ويو وڃائجي آ
چِهاڙيل چاڳ جا چولا
سبي سُک ڪونه سگهيو آ
دُکيو ايئن درد آ دل ۾
دلو ڄڻ ڪو نِھائِينءَ ۾
رڻن جي رات ۾ روئندي
جواني جنگ هاري آ
اڇو ٿيو ويس وارن جو
اها ئي سوڳواري آ
حياتي وڻ جي ڇاتيءَ مان
ڇڻيل ڪو ٻُور ٿي پئي آ
سرورن جا سفر ساري
سراپا سُور ٿي پئي آ...
†