مٿي تي کارِي رکي، آئي جو بازار،
ماڻهو سڀ قطار، هينئڙو بڻيو هار جان.
*
آئون ٺريل ٺار جو، تنهنجا ڪوسا چَپ،
مونکي ڀي ڪا لَپ، پياري وڃ تون پيار جي.
*
سامهون سِڙهه ڦڙڪي پيو، اچي پئي ناوءَ،
ڪنڌيءَ اُڀي هانوءَ، نهاري پئي نينهن مان.
*
مقتل کي آهي سدا، گُهوري ڏٺو مون،
متان سمجهين تون، وساريو مون سنڌ کي.
*
آئي ڏيئاري ڏيهه ۾، ٻريا کوڙ ڏيئا،
لُڇي لڱ ليئا، پيا تنهنجي پيار لئه.
*
آئي ڏياري ڏيھه ۾، گڏجي ديپ ٻريا،
سڪ مان ساھ سُريا، ساري تنهنجي ساٿ کي.
*
سامونڊين سانڀاهِيو، ڏٺي ڏيئاري،
وياڪل وڻجاري، سُڏڪيو سِبي سِڙھ کي.
*
ساري ڏياري رات کي، رُني وڻجاري،
ماريندو ماري، اَديون اُجري رات ۾.
ڏيئا ڏيئاريءَ جا ٻَريا، مهڪي من جي رات،
تهذيبن جي تات، ماڻيو آهي مُرڪ کي.
*
مندر مهڪي آ پيو، پسي ڏيئاريءَ ڏِڻ،
جل ٿل پوڄارِڻ، روح رهڙي آ وئي.
*
وينگس سندي واس سان، تازو ٿيو ايمان،
سوچان ٿو ڀڳوان، ڇو نه اُٿيو آ سانت مان؟
*
تنهنجي چهري کي چُمي، ٻَرِي ڏيئن لاٽ،
چاهت جا چمڪاٽ، ٻهڪن ٿا پيا ٻاٽ ۾.
*
مونکي تون مون مان اچي، ٻاهر ڪڍي وڃ،
ڀورا ڪري ڀڃ، اونداھ جي احساس کي.
*
مٽيءَ جو ماڻهو پيو، پٿر کي ٽوڙي،
خنجر پيو کوڙي، تاريخن جي تَن ۾.
*
مقتل جي ديوار کي، گُهوري ڏِٺم جيئن:
ريٽو بڻيو تيئن، رنگ منهنجي روح جو.
*
سيد ۽ سنڌ ٻئي پيا، صدين کان جاڳن،
سُتا ئي ناهن، انڌيرن جي اک ۾.
اُڀري آهي سَنّ مان، آزاديءَ اذان،
سنڌو ديش مهان، نعرو جڙيو جيءَ سان.
*
اکيون اوجاڳن سان، ويڙهي ڇڏيون مون،
متان سمجهين تون، ڇڏي سنڌ آهيان سُتو.
*
رَت شهيدن جو وري، ماڻيندو منزل،
ڊاهيندو مقتل، آزاديءَ اعلان سان.
*
گوڙيءَ مندر ۾ وڳا، سنجها ويلي گهنڊ،
ڀڳوانن جي ننڊ، ٽٽي ٽڪرا ٿي پئي.
*
سوچي ويٺو روپلا، اڃا آدي گام،
ڪارونجهر جي شام، روئي تولئه رت ڦُڙا.
*
رت سان ڀريل آ سڄي، اروڙ جي شام،
سارو آدي گام، رڙيو آ هر رات ۾.
*
اڄ ڀي ڦاسيءَ گهاٽ تي، هيمون ڪالاڻي،
روپلو چولياڻي، سَڙيو منهنجي سنڌ جان!
†