مُحبت جو آڪاس...
جنهن ۾ چنڊ رکڻ ٿو چاهيان
من جي مُحبت جھڙو مُقدس
سارو کنڊ رکڻ ٿو چاهيان
نفرت دل کي ناس ڪيو آ
وڻ جان واس ڇڻي ويو آهي
خاموشين سان خنجر ڪوئي
خوشين منجهه هڻي ويو آهي
رَت صُبح جي سيني تان ڏس
ڪونه سُڪو آ صديون گذريون
خوف هوائن ساڻ هلي پيو
آهُن کي ايذاءُ اچي ٿو
ڄڻ ته لُڇي الله پوي ٿو
روز ڪراچيءَ جي ڪُن مان ٿا
گولين جا گهوگهاٽ اُٿن
انسانن جي اک ۾ ڳوڙها
ساهن مان سرڙاٽ اُٿن
نسلن کي ئي نپوڙي ويٺي
وحشت اهڙي ويڙھ وڙهي آ
پر قانون ڪرائي تي ڏس
وئشيا جھڙو وقت ڪٽي پيو
سچ اُگهاڙو سرمد وانگي
پنهنجو سينو پاڻ سٽي پيو
چؤواٽن تي چانڊوڪين جا
زوري چولا لاٿا ويا هن
باکن جھڙا ڪئين بُت ڀيلي
اُس ۾ عڪس اُجاڙيا ويا هن
وقت وڃائي ويٺو وضو آ
ميرو منهن مزاجن جو آ
عشق عياشيءَ ۾ پيو پَلجي
هر هڪ رَٿ کي رنگ آ پنهنجو
هر هڪ ڏينهن کي ڏنگ آ پنهنجو
انڌي ديس جي اونداهين ۾
سڀ اُجالا دفنايل هن
ڇا ته جنونيت جي هن جهنگ ۾
باھ جا شعلا ڀڙڪايل هن
ڪوبه جزيرو اهڙو ناهي
جنهن ڏي جيءَ جي ٻيڙي تاريان
پيار ڪنارن تائين پُهچي
هر اُميد ۽ آس اُڪاريان
مونکي هڪڙي لهر کپي ٿي
جنهن سان سمنڊ ترڻ ٿو چاهيان
مُحبت جي آڪاس ۾ اُڀري
چاھ جو چنڊ ٿيئڻ ٿو چاهيان...
†