غلاميءَ جا ڦٽ...
نظريا ميلن ۾ وڪامندڙ مٺائين جان
ميرا ٿي سواد وڃائي ويٺا آهن
ٻار قومي لولين بجاءِ
مائرن جا پاراتا ٻُڌي ننڊ ڪرڻ لڳا آهن
رات عياشيءَ جي اک جو
اُگهاڙو بدن کڻي رُلي رهي آهي
جنهن اندر ڪئين صُبح سڙي رهيا آهن
ماٺ مياڻيءَ جي رت هاڻي راند ۾
رچڻ لاءِ تيار ئي ناهي
هوشوءَ جي ڪپيل هٿ مان پٽ تي ڪري پيل تلوار
اڄ به تنها پئي آهي !
ساموئيءَ جو ساهه گُهٽجي
گهوڙن جي ٽاپولين ۾ ٽُڪرا ٿي ويو آ
آزاد پکين جي اُڏار جھڙا احساس
الئه ڇو ماڻهن جي من مان وڃائجي ويا آهن
۽ اسان قديم تاريخ جا دعويدار
جن جي سوچ مان اڃا تائين
غُلاميءَ جا ڦٽ ڇُٽا ئي ناهن!
†