ڪُراڙو سجّ ڪاڇي جو...
لَڪن مان ڏِس ته لهرائي
پهاڙن تي پُڳو آهي
اُٿي درياهه جان ڌڌڪي
ڪنارن تي لڳوآهي
مگر هن ماٺ جي من ۾
اُهو ئي کاٽ آ کوٽيل
زخم جي زندگي ساڳي
خنجر آ خيال ۾ کُپيل
خزائون رات جون رهزن
گُلن کي روز گهائن ٿيون
اَڪن جي اک ۾ هاڻي
رُڳو بس اُڃ جاڳي ٿي
سُڪل دل جو صنوبر آ
رڻن ۾ رُڃ جاڳي ٿي
پکين جي پنڌ جون ڳالهيون
وڻن سان گڏ ويون وڍجي
نه ڪا آڙي اُڏاڻي آ
گسن تي گهٽ جا گهيرا
بُکايل باز جا ڦيرا
رڇن جي راند ڀي اڪثر
مڇيءَ جي مُرڪ ماري آ
چٻن کي هاڻ چانڊوڪي
نه چٿرن سان ٿي چيڙائي
ڪُتن جي رُوڙ سان ڀريل
روايت ۾ رواني آ
سڄي سگريٽ سوٽي جان
وئي ساڙي جواني آ
دلالي دؤر جي در تان
اُٿي ناهي اڃا تائين
سڳين جا سلسلا سارا
ويا وارن کان وڇڙي هن
ڪُنڀارڻ جي ڪلائيءَ مان
دلن جا ديس گُم آهن
نه سُهڻي ٿي سگهي سڪ ڪا
سڀئي سنديس گُم آهن
نه ئي رگويد جان هاڻي
سنڌوءَ تي سَڏّ ٿا جاڳن
پراڻي قبر جي ڪڇ ۾
رُڳو بس هڏّ ٿا جاڳن
جمالن کي جيئارڻ لئه
تنهائي ڪونه ٿي تڙپي
جيئڻ جي جاڳ جو جذبو
ڀڀڙ ٿي ڪونه ٿو ڀڙڪي
صُبح جي سرڪشيءَکي ڪنهن
نه گهوڙن تي گُهمايو آ
زنگيل تلوار جي تن جان
اسان خود کي وڃايو آ
مگر هو ڏس ٿڪو ناهي
ڪُراڙو سجّ ڪاڇي جو
پيو سالن کان جاڳي ٿو
روحن جي رات ڪاريءَ تي
ڏيئن جا ڏيک راڳي پيو...
†