آئون مُسافر...
منهنجو ڪٿ ڀي، ناهي گهر!
پاڻيءَ تي جو پنڌ پُڇي ٿو
آئون لهرن منجهه لهان ٿو
سارو ماس پيو ٿو پٽجي
موت وڏو ڪو مانگر مڇ آ
ماڻهو مٽيءَ ۾ پيو لٽجي
عمر جوانيءَ جي ٻانهُن مان
محبوبا جان وڇڙي وئي آ
انگ اُگهاڙا تنهائين جا
جن کي ڪوئي ويس نه آهي
سڪ جي تار سُتي پئي آهي
ڪو به نٿو سُرندي کي وڄائي
آئون پنهنجي ئي ڳولها ۾
ڏينهن اُڪاري رات رُلان ٿو
سوچ جي صحرا منجهه سڙان ٿو
منهنجي اک ۾ اونداهين جا
ڪيڏا عڪس چٽيا ويا آهن
ڀالن اڪثر ڀيل ڪئي آ
سارا رقص لُٽيا ويا آهن
آئون چترڪاريءَ تي چڙهيل
روز ٿو گهڙجان گهاڙيٽن ۾
پوءِ ڀي پنهنجا پار وڃائي
ڀڳوانن کان ڀُلجي ويو هان
انسانن ۾ اٽڪي پيو هان
منهنجون واٽون ويهه ٿيون هن
منهنجي مايوسين جي مُک تي
ناهي مُرڪن جو ڪو منظر
منهنجي وک ۾ واري آهي
آئون اُڃايل احساسن جو
منهنجي سانجهي رات جي رڻ ۾
چُپ جي چادر ويڙهي سُتي آ
منهنجا لڱ لوساٽيل آهن
ٿڪ ڀڃي ٿو مون ۾ ٿر
آئون مسافر
منهنجو ڪٿ ڀي، ناهي گهر...!
†