جسم جي بٺيءَ ۾ پچون ئي پيا ٿا،
ننگي نينهن اڳيان نچون ئي پيا ٿا.
اسان سِر اڏيءَ تي آ اُڇلائي ڇڏيو،
جلادن هٿان پر بچون ئي پيا ٿا.
سوين مقتلن جون اُڀيون ٿيون اکيون هن،
مگر پوءِ به سامهون اچون ئي پيا ٿا.
اڃا سچ سيني مان سرمد ٿيو اُڀري،
انهيءَ رمز ۾ بس رچون ئي پيا ٿا.
ٿڌا سِج جا نيڻ ٿيندي ڏٺاسين،
صدين کان غمن ۾ گچون ئي پيا ٿا.
اسان فڪر جي َڦاهي ۾ پيا ته ڦٿڪون،
مگر لوڪ ليکي، مچون ئي پيا ٿا.
†