اڄ صالح آخوند آ، ننگر ننڌڻڪو،
توکان پوءِ ڇو، اُٿيو ڪو آواز نه آ!؟
*
ٺٽي جي زبان اڄ، ڳاڙيو آهي رَتّ،
آخوند جو سّت، ساڻو ٿيو آ سنڌ لئه.
*
سڏ سرمد جو وري، ٺٽي مان جاڳيو،
جذبن آ جهاڳيو، اڀيچند جي عشق ۾.
*
ٺٽي ۾ ساڳيو وري، وڄي ٿو پيو گهنڊ،
مڪليءَ مٿي چنڊ، ڳولي پيو آخوند کي.
*
ڪڍي وٺ تلوار کي، اُڇلي ڇڏ مياڻ،
توکي ڌرتي هاڻ، سڏي پيئي سِڪّ مان.
*
موکيءَ سان گڏ مَڌ جا، ٻئي پيالا پُر،
جيڪو وڻئي گُهر، ٻئي خمارين خيال کي.
†
موکي ۽ مٽ پاڻ ۾، سلهاڙيل آهن،
خُماريل آهن، پيالا ڪنهن پياڪ جان.
*
مَڌ ڀري ڏي اڄ وري، موکي هٿن سان،
پيئان سُرڪن سان، رس تنهنجي رنگ جو.
*
ڇوريءَ جي ڇاتي پئي، چولي چيهاڙِي،
موسم ڀي لاڙي، سهڪيو اُٿي سِڪّ مان.
*
ڏيئا سڀئي رَتّ مان، ڀري ٻارياسين،
ڌِڪي ٽارياسين، انڌيرا عذاب جا.
*
صليبن ساڻو ڪيو، منهنجو آهي ساھ،
خدا تُنهنجي راھ، عيسيٰ جان ايذائيو.
*
عيسيٰ جان مونکي وري، صليب آههِ سڏيو،
جڏهن کان ڳنڍيو، ساھ منهنجو سنڌ سان.
†
اڃا سڏ صليب جو، سُتو ئي ناهي،
گهائڻ ٿو چاهي، عيسيٰ جي احساس کي.
*
رستا سڀئي رَت الا! گولين جا ڪڙڪاٽ،
راهون سڀ ريهاٽ، مندون سڀئي ماتمي.
*
ازل کان ڦاٿل رهيو، فنا ۾ ماڻهو،
انا ۾ ماڻهو، پوءِ به اٽڪيل ئي رهيو!
*
ڪڻڇي اسَر ويل جو، ٻوليون ٿا ٻولين،
توکي ٿا ڳولين، اُٿيو نيڻ ننڊاکڙا.
*
جيئڻ جو آواز ڪو، مونکي ٿو گُهرجي،
سمنڊ جيئن گرجي، لهرن جي لشڪر سان.
*
ويٺو آ خاموش ڏِس، پٿر جو ڀڳوان،
جُهڪي پيو انسان، صدائن جو سڏ ٿي.
†