دل جو ديبل...
لهرون ڪُن ڪنارا ٿيندا
راتين جا سڀ رنگ اُجاڙي
اُڀ جي اک ۾ تارا ٿيندا.
درياھ جھڙي دهشت مون ۾
ويرون بڻجي آئون وڌان ٿو
آزاديءَ جي آس کي ماڻي
سينو تاڻي سَينَ هڻان ٿو.
مون مان مقتل روز ٿا رنڱجن
منهنجو رَت روانيءَ ۾ آ
منهنجا پنڌ پُڪارون بڻيل
منهنجي جاڳ جوانيءَ ۾ آ.
جُهڙ جي جهالر ڇا ته جهليندي
چانڊوڪي ۽ چنڊ جا چارا
سڪ جو ساگر تار تري پيو
نينهن وڄائي ويٺو نغارا.
وڻ وڻ کي جو لوڏي ويٺو
وقت وڏو طوفان لڳي ٿو
پر جو مٽيءَ کي مهڪائي
ماڻهو سو ئي مهان لڳي ٿو.
دل جو ديبل روز ڌُٻي ٿو
سڀ اُجهاڻيل ڏيئا آهن
مغرب کان جو واعظ وڦلي
ڏاهر ڏيهه تي ڪڙڪيا آهن.
مون ۾ ويڙھ اڃا آ جاري
مان تلوارون ٿي پيو آهيان
ڪنڌ ڪپائڻ سنڌ بچائڻ-
لاءِ قطارون ٿي پيو آهيان ....
†