بُک جي بگري...
هٿن جي لڪيرن ۾ ڳولي ٿڪاسين
وڍيل آڱرين جي اُداسين جھڙا ڀي
سوين سور سيني ۾ سانڍي رکياسين
وراثت ۾ مليو
ڄمڻ ساڻ قسمت کي ڪشتو ئي آهي
ڪُلهي مان لٿي بُک جي بگري به ناهي
اسان سان ڪيو آهي
تقدير اهڙو تماشو ازل کان
بدن جي اُگهاڙپ
رهي آ سڃاڻپ
صدائون صدائون ٿي گهر گهر پُڇون ٿا
اسان مُعاشري جي اڇي مُنهن تي ڄڻ
بُجو ٿي لڳون ٿا
رهيو ڀاڳ بنجارن جان ئي ته ڀٽڪيل
اها مفلسي ڪوڙهه جھڙي ڪڏهن ڀي
لٿي زندگيءَ جي لِڱن تان نه آهي
خيالن ۾ ڪئين خط خُدا کي لکياسين
اها گار غُربت اسان لئه ڇو آخر !؟
ورهائي رکين ها ڪنهن تبديليءَ اندر
مگر تون ته سارا
دُعائن جا هٿ ڀي ڌڪي ئي ڇڏين ٿو
سُڪل ڪنهن گِرنهه جان
گلي منجهه اڪثر ئي اٽڪي پئين ٿو
ڳڀي جي تون ڳولا ۾ ڳوهي رکين ٿو
گناھ جي گهرن ڏي جو گھلي وٺين ٿو
خُدا پوءِ خيالن مان نڪري وڃين ٿو!
†