خُدا جي ڳولا...
پريشان ٿي ٻاهر نڪري ويندو آهيان
۽ اُن وئشيا جي اکين ۾
خُدا کي ڳولڻ لڳندو آهيان
جيڪا مجبوريءَ جي اڳيان
پنهنجو اُگهاڙو جسم اُڇلائي
مانيءَ جي مُلهه جيترا پئسه ڪمائي وٺندي آ
آئون اُن ڪاسائيءَ جي اکين ۾ به
خُدا کي ڳولڻ لڳندو آهيان
جيڪو ڪنهن جانور کي زوري ذبح ڪرڻ وقت
عزرائيل ته بڻجي ويندو آهي
پر شڪلي بناوٽ ۾ وري به انسان ئي لڳندو آ
آئون اُن مزدور ڪولهڻ جي اکين ۾ به
خُدا کي ڳولڻ لڳندو آهيان
جنهن جي ڪاري جسم مان
پورهئي جو پگهر ته ٽمندو رهندو آ
پر سندس هر سادگيءَ مان
سچ جو سج، هر اونداهيءَ کان آجو نظر ايندو آ
آئون اُنهن بيواھ عورتن جي اکين ۾ به
خُدا کي ڳولڻ لڳندو آهيان
جن جي زندگيءَ مان مجازي خُدا جو
خاتمو ٿي چُڪو هوندو آهي
۽ سندن يتيم ٻار
پيءَ جي پُڇاءَ ۾ اُجهامي
هر خوشيءَ جي مٺاس کان محروم ٿي
پاڙي مان مليل ونڊن تي
پنهنجو وقت گُذارڻ لڳندا آهن
ها! آئون اُن جلاد جي اکين ۾ به
خُدا کي ڳولڻ لڳندو آهيان
جيڪو حق جي آواز کي
ڦاهيءَ جي ڦنڌي ۾ ڦٿڪائي
زندگيءَ جي نس نس کي نپوڙي
ساھ جو سمورو رس
موت جي رستن تي هاري ڇڏيندو آ
پر جڏهن آئون ٻيهر ٻاهران مايوس ٿي
پنهنجي پريشانيءَ جا پاسا ورائي
پنهنجو پاڻ ۾ واپس موٽي ايندو آهيان
ته خود ۾ خُدا کي ڳولڻ جوخيال جاڳي پوندو آ
۽ پوءِ آئون پنهنجو پاڻ کي ئي
پاڻ ۾ ڳولڻ لئه مصروف ٿي ويندو آهيان!
†