کاروڇاڻ...
ٽم ٽم لهرن لاٽ بتيءَ ۾
اوجاڳن جي رات اڱڻ تان
ڪنهن ته نهاريو ويٺي ڪتيءَ ۾
رَڇ ۾ ڪيڏو راڙو آهي
تاڪ ۾ تاڻيل پاڙو آهي
هي جو تار درياھ دل جو
جنهن ۾ جهاڳ هلي پئي جيءَ جي
ڪيڏا ڇڪ جا ڇُلڪا آهن
آس جي اک ۾ اُلڪا آهن
هاءِ ِوڇيرو وقت وهيءَ جو
جنهن کي جهل نه پل ڪا آهي
تانگهه جي تڙ ڏي پيو ٿو ڪاهي
ناتاريءَ جان هُن جو نظرون
روز خيالن منجهه کُپن ٿيون
ٻانُهن جون پوءِ ٻيڙيون ڌڪجي
لڱ جي لنگرساڻ لڳن ٿيون
هاءِ ککيءَ جي کاريءَ ۾ ڏس
جسمن جواني ماڻي آهي
ڇاتيءَ سان هر ڇڪيل ڇوري
تيرن وانگي تاڻي آهي
پنڌ وڃن پيا پرتي نڪري
تنهائين جي تهه خاني ۾
ڳاٽ چُميا ڳالهين ڳلڙن جا
مدهوشين جي مئخاني ۾
ڪونه سُتا ڪي سڪ جا سيارا
واٽون ڦوھ ڦُلاريل آهن
چنگ چُرن ٿا روز چڳن تي
واسيل چاھ جا چارا آهن
روز ٽڪن جي چولي سان ڪا
تارن کي پئي تجلائي ٿي
گهاٽ مٿان ڀي گهڙا ڀريندي
گُهورن سان ئي ڪئين گهائي ٿي
هوءَ جا وهنتل نينهن نديءَ ۾
نسريو آ ڄڻ ڪانهه ڪنڌيءَ تي
هي جو کارو ڇاڻ کٿيءَ ۾....
†