اُڃ جو آسمان
دل رت جا دُٻا بڻجي ايتروته لُڇي آهي، جو هاڻ ساھ کڻڻ به مشڪل ٿي پيو آهي؛ پر سنڌ جو سڏ ورنائڻ لاءِ سڀ حوصلا، هيسيل ڪنهن هرڻ جيئان رڻ جي رولاڪين ۾ اڪيلا ٿي رهجي ويا آهن؛ ۽ مياڻ ۾ سُتل تلوار کي به زنگ جو زهر کائي رهيو آهي، جنهن کي ڪابه روايت نئون رنگ بخشڻ لاءَ تيارئي ناهي، باکن جي بدن تان روڙيل گُلن جا گهاءَ، اکين جي آلاڻ جئيان اُداس رهجي ويا آهن. مسجدن جي گُنبذن تي ويٺل ڪبوترن جي جسمن ۾ گولين پنهنجا گهر ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن؛ جن کي اڄ ڏينهن تائين ڪابه اسَر جي
اذان به روڪي ناهي سگهي. سجدا ته صرف سجدا ئي رهجي ويندا هن، پر خُدا جي خيال جي آلي چُميءَ کان اڪثر ئي محروم رهجي ويندا آهن، وحشتن جي وات کي ڪوبه وضيفو بند ناهي ڪري سگهيو. مذهبن ۽ فرقن جي آڙ ۾ مارجي ويل انسانن جون اکيون، ڄڻ ته سنڌ کي ڏوراپا ڏئي چئي رهيون آهن، ته اي مذهبن جي ماءُ سنڌ! هي ڪهڙي رُت تو ۾ رهي پئي آهي، جو سڄو سڪون رَت جي رستن تي وڇائجي ويو آهي!؟ لاوارثيءَ جو لاش، وقت پنهنجن ڪلهن تان لاهڻ جي لاءِ تيارئي ناهي، ڪفن جھڙي ويڙهيل ماٺ، ۾ من مڪليءَ جي قبرن جي ڊٺل ڪَتبن جيئان پنهنجي سُڃاڻپ جو ساھ وڃائي ويٺو آهي. انسان اُداس ٿي عذابن جي ڊگهي رات ۾ اڪيلو ئي رهجي ويو آهي. ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ قطار ۾ بيٺل ماڻهو، اڄ تائين غربت کي گناھ جي نظر سان ڏسندا رهيا آهن. اهميتون اجرائپ کان اڇلائجي پري ٿي ويون آهن، ۽ احساس اُڃ جو آسمان کڻي، ڌرتيءَ جي ڌوڙ مٿان رُڃ بڻجي رُلي رهيا آهن؛ جن کي اڄ تائين پيار جو پاڻي به نصيب ناهي ٿي سگهيو. انا جي خنجر کي، ڪوبه سوچ جي صندوق مان ٻاهر ڪڍي اڇلائڻ لاءِ تيارئي ناهي؛ ۽ ويتر خزائن جي خيال جھڙا ڏينهن، خوشين کي خون ڪري، زندگين کي ضايع ڪري رهيا آهن. پن ڇڻ جھڙي پيڙا مان ڪوبه ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ميڙي ناهي سگهيو. صدمن جي صليب تي ٽگيل سنڌ جو وجود، رَت ڳاڙي ساڻو ٿي پيو آهي. هر واٽ غم جي گواهيءَ جو ثبوت ڏيڻ لڳي آهي ۽ ظلم، اورنگزيب جي اُگهاڙي تلوار جيئان جٿ ڪٿ تجلائي رهيو آهي. وقت جي تڪڙي ۽ تماشائي تور ۾ نهاريون ٿا، ته ماڻهو ٿُڪ جيتري قيمت تي به وڪامجي ٿا وڃن، ته ڪٿ وري جُتيءَ جي ماپ جيترا ماڻهو سنڌ وڪڻندي دير ئي نٿا ڪن!
- پر اُهو ضرور ياد رکڻ گهرجي، ته تاريخ ڀاڪُر به آهي، ته تاريخ ڀونڊو به آهي؛ تاريخ لوليون به ڏياري ٿي. ته تاريخ لعنتون به وسرائي ٿي. ذهن ۽ ضمير طور اگهاڙو ٿيڻ کان بهتر آهي، ته ماڻهو هميشه لاءَ جسماني اگهاڙو ٿي سرمد جي سُنت ادا ڪندو رهي.
سچ پڇو ته مون سنڌ جو هر صُبح رمشا مسيح جيئان فتوائن ۾ ڦٿڪندي ڏٺو آهي، ۽ هر شام جي نڙيءَ مان شهيدن جو رت اُٻڙڪا ڏيئي ٻاهر نڪرندي ڏٺو آهي. تضادن جي تيزاب ۾ سڙي ويل سونهن جي چهرن تي اڄ به من ماتم ڪري رهيو آهي؛ پر هي سماج اُن کدڙي جھڙو ٿي پيو آهي، جنهن مان ڪنهن به سُٺي واڌاري جي اُميد ئي نٿي رکي سگهجي.
آئون پنهنجي ڌرتيءَ جا سمورا داغ، ڪنهن آجپي جي پاڻيءَ سان ته ناهيان ڌوئي سگهيو پر ايترو ضرور چوندس، ته ڌرتيءَ تي ڇانيل اونداهين راتين مٿان ڏيئي جي روپ ۾، پنهنجن نظمن جا نيڻ ضرور ٻاري رکيا اٿم؛ جن جي روشني وقت پاڻ ثابت ڪرائيندو.
آئون قابلِ احترام مُحترم آسي زمينيءَ جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب کي سنوارڻ لاءِ مونکي وڏو ساٿ ڏنو؛ شال اهو محبتن جو مينهن سدائين دلين مٿان دوستيءَ جي ويس ۾ وسندو رهي.
- ۽ آئون نهايت ئي شڪر گذار آهيان پنهنجي پياري دوست عزيز سرواڻ جو، جنهن هن ڪتاب کي ڇپائڻ جو مڪمل بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو ۽ منزل تي پڄايو. سندس ان خلوص کي ڪڏهن به زندگيءَ جي کيسي مان ٻاهر ڪرڻ جو موقعو ئي نصيب ٿيڻ نه ڏبو.
آئون پنهنجو هيءُ ڪتاب ”صليب جو سڏ“ شاعريءَ جي تخت تي ويٺل ڀٽائيءَ جي درٻار ۾ ان اميد تحت پيش ڪري رهيو آهيان، ته شال هن ڪتاب جا سڏ، وطن جي وارثي ڪندي طنبوري جي تارن جيئان هميشه لاءِ وڄندا رهن
سنڌ سلامت، ساٿ سلامت!
معرفت مارئي ميڊيڪل اسٽور،
مين بس اسٽاپ، سجاول.
0300_3275166
0334_7091595
- ايازامرشيخ