منهنجو ڪنڌ ڪپيو ويو آهي....
آئون بي سِر ڀَٽڪان پيو ٿو
صدين جا ڪئين سُور سهيڙي
پنهنجو پاڻ ۾ ڦٿڪان پيو ٿو
مون تي ڪاھ ڪئي وئي آهي
جنگي گهوڙن جي لشڪر سان
زهر ۾ آلوده خنجر سان
سُک جو سينو چهڪن چيريو
انسانيت جي اهميت ۾ ڏس
ڪيڏو فرق اچي ويو آهي
ڌوڙ ٿيا هن ڌوتل چهرا
مطلب آهي مقصد ماڻيو
روز مفادن جي منزل تان
طلب اُٿي بس تير آ تاڻيو
منهنجا هٿ وڍيا ويا آهن
منهنجا پير پٿون ٿي پيا هن
منهنجن گُهنگهرن گيت وساريا
منهنجو رقص رُلي ويو آهي
ميدانن ۾ ٽاپولين ۽
هِڻڪارن جو هُل متل آ
منهنجي ڀر ۾ لاش پيل آ
جنهن جي ڇاتيءَ سان هڪ چنبڙي
ننڍڙو ڪوئي ٻار روئي پيو
ڄڻ ته خُدا جي خاموشيءَ تي
سارو ئي سنسار روئي پيو
ماڻهو مذهب لاءِ مرن پيا
تلوارن سان جسم جُهرن پيا
رت جي راند روايت ٿي آ
مندر مسجد ڊاهڻ لاءِ
ظلم زنا سان قيامت ٿي آ
رڻ ۾ ڪيڏو راڙو آهي
هر حراسيل پاڙو آهي
آئون بناوٽ کان ئي ڀُريل
روز ذرن ۾ ذيان ٿيان پيو
سِر بنا ئي سهڪان پيو ٿو
منهنجي سُڃاڻپ گُم ٿي وئي آ
منهنجو موهن ماريو ويو آ
مون مان باک ڦُٽڻ کان پهرين
منهنجو سج سُمهاريو ويو آ
اڄّ پروهت جي نڪ وانگي
منهنجو نڪ وڃائجي ويو آ
آئون بنا نڪ جي ڀٽڪان پيو
پنهنجو پاڻ ۾ ئي ڦٿڪان پيو
منهنجي صورت ساڙي وئي آ
تهذيبن سان ڀريل سنڌ جي
ڄڻ تاريخ اُجاڙي وئي آ
ٽُڪرا ٽُڪرا ٿي پيو آهيان
ڪونه سگهيس ڪو ميڙي خُود کي
منهنجو هر هڪ خواب آ چٿيل
فارسيءَ جي ڦنڌي ۾ ڦٿڪيل
اڄ صالح آخوند جيئان ڏِس
ڪيڏا زخم زبان سٺا هن
بستيءَ بستيءَ منهنجي بُت کي
ڀيليو ويو آ بيدرديءَ سان
آئيندن جي اکين لاءِ
عڪس اڪيلو ٿي پيو آهيان
هاءِ هجومن ۾ هوندي ڀي
شخص اڪيلو ٿي پيو آهيان...!
†