غيرتن جا گُلاب ...
جوان ويو آهين
تو جيڪو ڌرتيءَ کي تازو رَت جو ريج ڏنو
تنهن مان ڪئين
غيرتن جا گُلاب ڦُٽي پيا آهن
تو غلاميءَ کي
آزاديءَ جي احساس ۾ اوتي
هر اڃايل اُميد کي سُجاڳيءَ جو سڏ ڏنو
تنهنجي جسم مان تشدُد جي تاريخ ٻُڌائي ٿي ته
تنهنجن خيالن ۾
مضبوط ارادن جي خُدائيءَ جا خيما کتل ها
جن کي ڪابه آنڌي اُکيڙي نه سگهي
تُنهنجن لفظن مان نڪتل
وطن ۽ ڪفن جو ورد
هر صُبح جي سوچ ۾ سمائجي چڪو آهي
تو سِرڏئي
سنڌ کي مانُ بخشي ڇڏيو آ
۽ ايندڙ نسلن جي نيڻن ۾
انقلاب جو اعلان پوکي ڇڏيو آ...
†
شهيد مظفر ڀُٽي جي نانءِ