راجا ڏاهر
رَت ڳاڙيندو لهي ٿو
هر لهر جي لوڇ تي ڄڻ
ساھ هاريندو رهي ٿو
ديس جي دل ۾ کپيل آ
اڄ به ڏس تلوار ساڳي
دور ديبل جي دڳن تي
رک بڻجي پيو رُلي ٿو
۽ سپهه سالار هٿ ۾
جهنڊو فتح لئه جُهلي پيو
آئون هن ڀنڀورکي اڄ
۽ صدين جي شورکي اڄ
پيو ڏسان ڏاهر جيئان
تخت سان گڏ تاج سارا
ويو لُٽي لشڪر سڄو
ڏيهه منهنجي جي ڏُکن تي
ڪونه رکيو ڪنهن پهو
منهنجي اجرڪ جي اکين مان
رَت ڳڙيو رات ساري
۽ ثقافت جو صُبح
مشرق هٿان ماريو ويو
لاش منهنجي سنڌ جو
چچري چٿي ساڙيو ويو
اڄ به تن جو ئي اُلو ڏِس
اُڀ سان ڳالهيون ڪري پيو
۽ تشّدُد لئه سمورا
تنگ تاڻيو ئي رُلي پيو
مون اکيون کوليون جڏهن
هن ڏيهه ڏاهر ۾ اچي
هڪ اذان جو ڪن منهنجي
۾ وڌو آواز ويو
۽ مونکان تهذيب جو
ڄڻ ته کسجي ساز ويو
منهنجي وڏڙن جا هڏا
موهن دڙو بڻجي لُڇيا
آئون تاريخن جي تن تي
نئون گُناھ بڻجي ويس
۽ ثوابن جي چڪر ۾
سنڌ کي سارڻ ڇڏيو
۽ نه ديبل جي بندر ڏي
وراثيءَ جي وِک وڌائي
جت ڇِڪي نياڻين نڪن مان
ڪئين نٿون لاٿيون ويون
پوتين جا پاند چيهاڙيا ويا
چولن سان گڏ
ڪئين قطارون قيدين جون
ظلم جي زنجير سان
قيد خانن ۾ ڪڙهيون
تيردل مان ڪونه ڪنهن
ڀاڪُر وجهي ڪوري ڪڍيو
پر گواهيءَ لئه ڳلو ڪپيل کڻي
روز سانجهيءَ جو سمنڊ ۾
درد ڌوئڻ ٿو لهي
مون ڏٺو اُن سجّ جي
سيني مان رَت جاري هُئو
ڄڻ کُپيل ڏاهر جسم ۾
ڀالو ڪو ڀاري هُئو...
†