زندگيءَ جي بانسري...
ساز جي آواز ۾، گيت ڳائيندو اچان
تند دل جي ٿي تپي
وجد ۾ ٿو ويڙهجان
رقص مون مان ٿا ڦُٽن
باک جي ڪنهن بوند جان
مان ڪَنوَر جي ڄڻ ڪُٺل
گيت جو آهيان سفر
سچ جو سقراط ٿي
روز پيئان ٿو زهر
سُرَ مُون مان ساک جا
پر سُتا ناهن ڪڏهن
ڳاٽ منهنجي ڳالهه جو
اڄ به اوچو اُڀ جان
پر زمانو ربّ جان، ٿو رُلائي رات ڀر
وقت جي ورلاپ کي جي ورائي ٿو ڏسان
لاش مون ۾ ٿا لُڇن
تڙپ جي تاريخ جا
وڍ تازا ٿيو پون
چانڊوڪين جي چيخ جا
خواب جي خوشبوءِ ٿيئڻ
کان اڳي ويا مارجي
سونهن جا ڄڻ سلسلا
ڌوڙ ۾ ويا ڌوپجي
سوڳ تن جو ساھ ۾
سمنڊ وانگي ٿو اُٿي
ڪائناتن جا سڀئي
دنگ ماپي ٿو اچي
ڏياچ جھڙي ڏيهه ۾
ساز ۽ مضراب جي
ويڙھ جاري آ اڃا
ديس جي هر دانهن کي
آءٌ ڪَنائيندو اچان
دار جي هر دڳ تي
سِر وڇائيندو اچان
مقتلن کي مات ڏئي، ڏاڍ ڏاريندو اچان
عشق جي آواز ۾، سنڌ ڳائيندو اچان
زندگيءَ جي بانسريءَ کي وڄائيندو وتان…
†