هڪڙي رات رهي، هڪڙي رات رهي، مون ۾ ڏيئو ٻاري وڃ! سڀ انڌيرا اُڇلائي، ڪائي ويل وهي- مون ۾ ڏيئو ٻاري وڃ! آئون وساڻل ورهين کان، لاٽن ساڻ لهي- مون ۾ ڏيئو ٻاري وڃ! صدين تائين ساھ کڻان، هليا هاڻ ڪهي- مون ۾ ڏيئو ٻاري وڃ! †