چُمي هرسونهن جي سنڌ کي سمندر ٿي وَيا آهيون،
نچي دل جي ڌمالن تي قلندر ٿي وَيا آهيون.
اوجاڳا عشق جي اک سان ننڊون اڇلي اچي گڏيا،
پرينءَ جي پيار ۾ وهنجي، پويتر ٿي وَيا آهيون.
اسان من ۾ رکيو آهي مُحبت جي ميهارن کي،
سدائين سِڪّ سُهڻيءَ جي ۽ گهاگهر ٿي وَيا آهيون.
اسان ۾ رقص روميءَ جو وڄن گهنگهرو بُلا شاھ جا،
اسان محراب مسجد جو ۽ مندر ٿي وَيا آهيون.
اسانجي خون جا قطرا نه جذبي آ سگهي ڌرتي،
اسان خود پنهنجي سيني ۾ کُتل خنجر ٿي وَيا آهيون.
اڃا عربن جي ڪاهُن جو ڪفن ويڙهيل وطن کي آ،
اسان ڏاهر جي نياڻين جيئن بي گهر ٿي وَيا آهيون.
اسان ۾ ماٺ مڪليءَ جي اُڀن ڪَتبن جيئان اُڀريل،
منگولن جي هٿان سڙيل ڪو ننگر ٿي وَيا آهيون.
پکين جا پنڌ ساريندي سُتي آ سانجهه سُڏڪن سان،
قهر جي رات ڪاريءَ جو ڪُٺل تر ٿي وَيا آهيون.
†