آزاديءَ جون اکيون...
جنهن ۾ آزادي
هڪ پل به اکيون ناهي پوريندي
۽ غلاميءَ جو اُگهاڙو لاش
دفن ٿيئڻ واري دُعا کان ڀي
هيٺ ڪري پوندو آهي
آئون شعور جي تلوارن کي
هڪ دفعو ٻيهر
روح جي روهيءَ تي آڻي
تکو ڪرڻ ٿو چاهيان
جيڪي زمانن کان زنگيل آهن
ته جيئن اُهي ڪنهن به ضعيفيءَ
جي زنگ سان ذيان نه ٿي سگهن
۽ هن دؤر جي دُکيل بٺيءَ ۾ پچائي
پُختو ڪرڻ ٿو چاهيان
ته جيئن هميشه سندن لالاڻ
هر لشڪر اڳيان لهرائيندي رهي
آئون رَت جي رستن تي وڇايل
سنڌ جي اُنهن سڀني صُبحن کي
سيني سان لڳائڻ ٿو چاهيان
جيڪي آجپي جي سرحدن جا سفير ته هُئا
پر اونداهين سان ويڙھ ۾ وڙهندي
وقت کان اڳ وڃائجي ويا
اڄ آئون به اُنهن ئي
قدمن جي نشانن مٿان هلڻ ٿو چاهيان
۽ هڪ اهڙو آواز ٿيئڻ ٿو چاهيان
جيڪو هر ماڻهوءَ جي هينئين جي حالتن سان ملي
ٻاهر نڪرڻ ٿو چاهي
۽ آزاد پکيءَ جيئان اُڏرڻ ٿو چاهي..
†