مهاڳ
هڙاپا جي قديم ماڳ بابت ان وقت پهريون ڀيرو انڪشاف ٿيو، جڏهن برٽش سرڪار 1856ع ۾ ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو. پنجاب جي ضلعي ساهيوال ۾ هڙاپا ڳوٺ وٽان ريلوي لائين وڇائيندي قديم دور جا ڪجهه نوادرات هٿ آيا. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي ڊائريڪٽر جنرل الگزينڊر ڪنگهم هن ماڳ جي چوک ۽ چڪاس بعد ان کي 5 هزار سال پراڻي تهذيب قرار ڏنو. جنهن بعد سن 1920ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا طرفان هن قديم ماڳ جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو ويو. هڙاپا جي قديم ماڳ جي راءِ بهادر ديارام ساهني ۽ آر ڊي بئنرجي جي سربراهي ۾ 1920ع ۽ 1921ع ۾ کوٽائي شروع ڪئي وئي. جتان 5 هزار سال پراڻي تهذيب جا آثار نڪري نروار ٿيا. ان تهذيب کي شروع ۾ هن ئي ماڳ جي نالي پويان هڙاپا تهذيب جو نالو ڏنو ويو.
هڙاپا جي قديم ماڳ جي دريافت دوران انڊيا جي قديم آثارن جي ماهر راکلداس بئنرجي 1918ع کان ڏکڻ پنجاب، بيڪانير، بهاولپور ۽ سنڌ ۾ سڪندر اعظم جا اهي 11 ٺل ڳولڻ لاءِ مختلف هنڌن جي جاچ ۽ کوٽائي ڪرائي. جيڪي سڪندر اعظم عيسوي سن کان سوا ٽي سو ورهيه اڳ پنهنجي ڪاهه دوران بياس نديءَ جي ڪناري ٺهرايا هئا ۽ مٿن يوناني ٻوليءَ ۽ هندي زبانن ۾ نوشتا اُڪرايا هئا. هن 1918ع کان 1922ع تائين وڏي جدوجهد بعد سنڌ ۾ کيرٿر کان سنڌونديءَ تائين جيڪب آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ 27 وڏن ۽ 53 ننڍن دڙن کي ڳولي، انهن جي کوٽائي ڪرائي، پر اتفاق سان اهي سڀ ٻڌ دور جا يادگار نڪتا. ائين اتفاق سان هيءُ ماهر ووڙيندو ووڙيندو 1922ع ۾ اچي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شهر کان 6 ميل پري هڪ ٻڌ اسٽوپا وٽ پهتو، جيڪو ٻڌ دور جو هڪ مندر هيو. اهو ٺل سنڌونديءَ جي سطح کان 46 فوٽ مٿي هڪ دڙي تي هيو. جنهن ٺل جو ۽ اتان مليل ٻڌ ڌرم جي ڀڪشن جي رهڻ جي جاين جو ان کان هيٺين تهن يا زماني سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه هو. هي مٿيون سڀ تعميرات ٻڌ ڌرم جي راجا واسديو (پهريون) جي دور جون هيون. اهي ان کان هيٺ موجود شهر جي تباهي کان پوءِ هزار سال گذرڻ بعد ان مٿان وري اڏيون ويون هيون. ان خيال کان ته زمين جي سطح کان مٿانهين جڳهه تي مذهبي آستان جوڙڻ سان ان جو سال بسال سنڌو جي ٿيندڙ ٻوڏين کان بچاءُ ٿي پئي سگهيو.
جڏهن بئنرجي ٺل ڀرسان ڪجهه کوٽائي ڪرائي ته کيس اتان پٿر جا ڪپ ۽ ٺڪر جي ٿانون جو اهڙو ٺيڪراٽ هٿ آيو، جن جو ٻڌ دور سان ڪو به واسطو نه هيو. پر اهي ڪنهن هزارين سال پراڻي دور جي ڪنهن نرالي تهذيب جي نشاندهي ڪن پيا. جڏهن بئنرجي اسٽوپا ڀرسان کوٽائي ڪرائي ته اتان هن کي هڪ اهڙي مهر ملي، جيڪا شڪل ۽ صورت ۾ هڙاپا مان مليل هڪ تصويري رسم الخط واري مهر سان هڪ جهڙائي ڏيکاري پئي. جيڪا سر الگزينڊر ڪنگهم کي هڙاپا جي کوٽائي مان ملي هئي. ان مان بئنرجي اندازو لڳايو ته هتان اڃا ڪنهن قديم تهذيب تي روشني پوندي. جيڪا هڙاپا وانگر 5 هزار سال کن پراڻي هوندي. ڇو جو هتان ملندڙ ڪجهه اوزار ۽ ٺڪر جا ٿانون هڙاپا مان انهن ئي ڏينهن ۾ ٿيندڙ کوٽائي مان ملي رهيا هئا. جيڪو هنڌ ان وقت برصغير ۾ سڀ کان پراڻو ۽ قديم شمار ڪيو ويندو هو. موهن جي دڙي جي هن قديم ماڳ جي وڌيڪ کوٽائي ان وقت انڊيا جي قديم آثارن واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل جي نظرداريءَ هيٺ 1922ع جي سياري جي مند ۾ ٿي، جيڪا لاڳيتو 1927ع تائين هلي.
سنڌو سڀيتا جي ٻن اهم ماڳن موهن جو دڙو ۽ هڙاپا جي کوٽاين کان پوءِ دنيا جي پهرين شهري تهذيب جا پڙاڏا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي اٿيا ۽ هن عظيم تهذيب دنيا جهان جي ماهرن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو. گڏيل هندستان ۾ برٽش راڄ ۽ ان کان پوءِ برصغير جي ورهاڱي بعد مختلف ملڪن جي ماهرن هن تهذيب تي کوجنا شروع ڪئي ۽ وڏين وڏين يونيورسٽين طرفان هن تهذيب تي کوجنا لاءِ الڳ ادارا قائم ڪيا ويا. ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ هن تهذيب جا وڌيڪ ماڳ به دريافت ڪري انهن جي کوٽائي ڪرائي وئي. هن وقت تائين پاڪستان۽ انڊيا ۾ سنڌو سڀيتا جا 15 سو کان وڌيڪ قديم ماڳ دريافت ٿي چڪا آهن. سنڌو سڀيتا تي تحقيق جو ڪم پاڪستان ۽ انڊيا کان وڌيڪ ٻين ملڪن ۾ ڪيو ويو، خاص ڪري ان مقصد لاءِ الڳ ادارا قائم ڪري ۽ وڏا وڏا پراجيڪٽ جوڙي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ويو. جيڪو اڄ به جاري آهي.
جڏهن مون پنهنجو ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جي اوسر“ لکڻ شروع ڪيو ته ان دوران انهن ماهرن بابت به مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، جن مختلف رخن کان سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪئي هئي يا ڪري رهيا آهن. جيئن ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن کي مددي مواد مهيا ٿي سگهي. منهنجو هي ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جا محقق“ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿري جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. مان هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهان، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪري سگهيو آهيان. پر ان باوجود ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. منهنجو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ڏيندو.
[b]رڪ سنڌي
[/b]26 مارچ 2016ع