سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

پروين ٽالپر Parveen Talpur 

سنڌ سان تعلق رکندڙ تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ پروين ٽالپر سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي حوالي سان ڪافي شهرت حاصل ڪئي آهي. پاڻ پاڪستان جي ناميارن انگريزي اخبارن ڊان ۽ پاڪستان ٽائيمس سان لکڻ جي شروعات ڪئي. هن جنوري 1979ع ۾ گڏيل قومن جي اداري يونيسيڪو طرفان سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي سيمپوزيم ۾ تحقيقي مقالو پيش ڪري تحقيق جي دنيا ۾ پير پاتو. آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ رهندڙ پروين ٽالپر نيويارڪ جي ڪورنيل يونيورسٽي ۾ 1990ع کان 1997ع تائين وزيٽنگ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته پاڻ 2007ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وزيٽنگ پروفيسر به رهي. پروين ٽالپر ايلمرا ڪاليج ۽ نيويارڪ جي بنگهمٽن يونيورسٽي ۾ به تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس پاڪستان ۽ آمريڪا جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا شايع ٿي چڪا آهن.
پروين ٽالپر سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ تي به تحقيق ڪري رهي ۽ ان سلسلي ۾ سندس تحقيقي مقالو وسڪونسن يونيورسٽي جي آرڪيالاجيڪل رپورٽ 1994ع جي جلد 3 ۾ شايع ٿيو. بعد ۾ ڪيل کوجنا سندس ڪتاب ”سنڌو ماٿري جي سڀيتا ۾ جاميٽري بابت ثابتيون“ ۾ شايع ڪئي وئي. سندس هي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو طرفان 1995ع ۾ شايع ڪيو ويو. پروين ٽالپر جو موهن جو دڙو تي تحقيقي ڪتاب 2014ع ۾ شايع ٿيو. جنهن ۾ سنڌو ماٿري جي شهري تمدن ۽ انتظامي ڍانچي تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي. پروين ٽالپر ڪورنيل يونيورسٽي جي پراجيڪٽ تحت سنڌ تي ٽالپر دور ۾ برطانوي قبضي بابت به تحقيق ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب ”سنڌ ۾ ٽالپر دور“ 2002ع ۾ لاهور مان شايع ڪيو ويو.

ڪتاب ۽ مقالا

• Moen jo Daro: Metropolis of the Indus Civilization (2600-1900 BCE). Aug 14, 2014.
• Evidence of Geometry in Indus Valley Civilization 2500-1500 B.C. Sindhology Department, University of Sindh, Jamshoro. 1995
• Talpur Rule in Sindh. Ferozsons (Pvt) Ltd. Lahore, Pakistan. 2002
• Footnotes: Selected Verses of Great Poets. Ferozsons (Pvt) Ltd. Lahore, Pakistan 2006
• Islam Through A Mosaic Of Cultures – (Anthology: Living Our Religions; Kumarian Press)
• Obscure Women, Obscure Stories. 2012.
• Women in the Indus Civilization, January 29, 2015
• Moen jo Daro - New Threats to Indus Valley Civilization, JANUARY 4, 2010