سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

شيرين رتناگر Shereen Ratnagar

شيرين رتناگر Shereen Ratnagar

ڀارتي آرڪيالاجسٽ شيرين رتناگر سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي واکاڻ جوڳو ڪم ڪيو آهي. هن سنڌو سڀيتا تي ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکيا آهن. جيڪي مستقبل ۾ هن قديم تهذيب تي ڪم ڪندڙن لاءِ سونهان بڻجي سگهن ٿا. پاڻ پونا يونيورسٽي جي دکن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. جڏهن ته يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي آرڪيالاجي شعبي مان ميسوپوٽين آرڪيالاجي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي. کيس جواهر لال يونيورسٽي ۾ آرڪيالاجي ۽ قديم تاريخ جي شعبي جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. جتان پاڻ 2000ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. رٽائرمينٽ بعد به هن پنهنجي شعبي ۾ ڪم جاري رکيو. پاڻ سنڌو سڀيتا جي مختلف رخن تي تحقيق ڪئي ۽ دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ ليڪچر به ڏنا. شيرين رتناگر سنڌو سڀيتا جي زوال واري مفروضي تي به تفصيلي تحقيق ڪئي. پاڻ هن وقت بمبئي ۾ رهائش پذير آهي.

ڪتاب ۽ مقالا

• Encounters, the westerly trade of the Harappa civilization, Oxford University Press (1981).
• Enquiries into the political organization of Harappan society, Ravish Publishers (1991).
• The End of the Great Harappan Tradition, New Delhi: Manohar, ISBN 81-7304-331-0. (2000)
• Understanding Harappa: Civilization in the greater Indus Valley, Tulika Books, ISBN 81-85229-37-6 (2002)
• Mobile and Marginalized Peoples, New Delhi: Manohar (2003)
• Trading Encounters: From the Euphrates to the Indus in the Bronze Age, Oxford University Press (2nd edition), ISBN 0-19-568088-X (2006)
• The Other Indians - Essays on Pastoralists and Prehistoric Tribal People, Three Essays Collective (2004)
• Ayodhya: Archaeology After Excavation, New Delhi: Tulika Books (2007)
• The Timechart History of Ancient Egypt, Worth (2007). ISBN 190302532X.
• Makers and Shapers: Early Indian Technology in the Household, Village, and Urban Workshop, Tulika Books (2007).
• Being Tribal, Primus Books (2010). ISBN 9380607024.
• Materials used in the Bronze Age
• The Aryan Homeland Debate in India
• Island in the Rann
• Archaeology and the Long Lineages of Tradition