سراج الحق ميمڻ Siraj Ul Haq Memon
سنڌو سڀيتا جي قديم لکت تي کوجنا ڪندڙ ڏيهي ماهرن ۾ سراج الحق جو نالو به اهم حيثيت رکي ٿو. پاڻ 24 آڪٽوبر 1933ع ڌاري حيدرآباد ضلعي جي ٽنڊو ڄام شهر ۾ جنم ورتو. جڏهن ته پاڻ 2 فيبروري 2013ع ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سراج الحق ميمڻ جنهن کي سنڌ جا ماڻهو فقط سراج طور سڃاڻن، نه فقط سنڌو سڀيتا جي لکت تي ڪم ڪيو، پر پاڻ سنڌي ٻولي جو سٺو ناول نگار، ڪالم نگار، صحافي ۽ ڪهاڻيڪار به تسليم ڪيو ويندو آهي. پاڻ حيدرآباد مان ميٽرڪ ڪرڻ بعد ڊي جي نيشنل ڪاليج ڪراچي مان تعليم حاصل ڪئي. سراج 1957ع ۾ سول سروسز آف پاڪستان جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪس کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. کيس 1969ع ۾ فوجي حڪمران جنرل يحيى خان جي دور ۾ ملازمت تان جبري برطرف ڪيو ويو. سرڪاري ملازمت تان فارغ ٿيڻ بعد پاڻ انڪم ٽيڪس جي وڪيل طور ڪم ڪرڻ لڳو. ان سان گڏ پاڻ روزاني هلال پاڪستان ۾ ايڊيٽر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. هن سنڌي صحافت ۾ جديد ۽ صحتمند لاڙا متعارف ڪرايا. هن ڪيترائي ناول ۽ ڪهاڻيون به لکيون. کيس ادبي خدمتن جي مڃتا طور 2011ع ۾ پاڪستان سرڪار طرفان ”ستاره امتياز“ ايوارڊ سان نوازيو ويو.
سراج ميمڻ کي سنڌي ٻولي جي تاريخ ۽ قديم لکت ۾ به خاص دلچسپي هوندي هئي. پاڻ سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت تي 1964ع ۾ ”سنڌي ٻولي“ نالي تحقيقي ڪتاب لکي پڌرو ڪيو. هن پنهنجي ان ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت کي سنڌ جي اصلوڪي ٻولي قرار ڏنو ۽ ان کان اڳ عالمن جي قائم ڪيل ان نظرئي کي رد ڪري ڇڏيو ته سنڌو ماٿري جي وارثن جي ٻولي هتان جي مقامي اصلوڪي ٻولي نه پر دراوڙي يا سامي صفت رکندڙ ٻولي هئي. سراج پنهنجي هن ڪتاب ذريعي اڳ قائم ڪيل ان نظرئي کي به رد ڪيو ته سنڌو سڀيتا جا وارث درواڙ نسل جا هئا ۽ آرين سنڌو ماٿري تي حملو ڪري کين هتان تڙي ڪڍيو. سندس هن ڪتاب سان سنڌو سڀيتا جي لکت بابت نوان بحث ڇڙي پيا. سندس هي ڪتاب بعد ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽي طرفان 2009ع ۾ انگريزي ۾ به شايع ڪيو ويو. ڪتاب جو انگريزي ترجمو ڊاڪٽر امجد سراج ڪيو ۽ نظرثاني جون ذميواريون ڊاڪٽر فهميده حسين ادا ڪيون. سنڌ جي هن نامياري محقق پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ انگريزي ٻولي ۾ ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ ڪتاب به لکيو.
سراج الحق ميمڻ سنڌ ۾ سنڌو لکت تي تحقيق ڪندڙ مقامي ماهرن ۾ وڏو نالو قرار ڏنو ويندو آهي. سندس تحقيق موجب موهن جي دڙي ۽ سنڌو ماٿري جي ٻين وسندين مان مليل لکتون سنڌي ٻوليءَ جون آهن. سنڌي ٻولي سنڌو ماٿريءَ جي اصلوڪي ٻولي آهي. اها ڪٿان ٻاهران نه آئي هئي ۽ نه وري ڪنهن ٻي ٻولي مان ڦٽي نڪتي هئي. هن پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۾ اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته جيئن ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا تمام گهڻي قديم آهي، ان ڪري ان جي ٻولي به سڀني ٻولين کان قديم هوندي. جنهن مان پوءِ ٻيون ٻوليون ڦٽي نڪتيون هونديون. سراج ميمڻ پروٽو سنڌي کي پروٽو دراوڙي، پروٽو آريائي ۽ هن خطي جي ٻين قديم ٻولين جي ماءُ قرار ڏئي ٿو.
ڪتاب ۽ مقالا
• سنڌي ٻولي (تحقيق)، 1964ع
• ڏکڻ مان ٿو سج اڀري، 1953ع
• اٺون ماڻهو (ڪهاڻيون)، 1985ع
• سنڌ جي اقتصادي تاريخ (ترجمو)، 1958ع
• چونڊ آمريڪي افسانا (ترجمو)، 1958ع
• اي درد هلي آ (ڪهاڻيون)، 1961ع
• پڙاڏو سوئي سڏ (ناول)، 1979ع
• منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، 1988ع
• تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول، 1989ع
• منهنجي دنيا مرگهه ترشنا 1990ع