سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

ايس پي گپتا S. P. Gupta

ايس پي گپتا S. P. Gupta

ڀارتي آرڪيالاجسٽ سوراج پرڪاش گپتا (ايس پي گپتا)سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ماهر طور سڃاتو ويندو آهي. سندس جنم 1931ع ڌاري ٿيو ۽ پاڻ 2007ع ۾ وفات ڪري ويو. ننڍپڻ ۾ پاڻ هندو بنياد پرست تنظيم راشٽريا سيوامسيوڪ سنگهه جو ميمبر به رهيو. کيس قديم ڀارت جي آرٽ جي تاريخ تي اٿارٽي تصور ڪيو ويندو آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ هڙاپا تي ٿيل ڪيترين ئي کوٽاين ۾ بهرو ورتو. هن ڀارت جي تاريخ ۽ قديم آرٽ تي ڪيترائي مقالا ۽ ڪتاب لکيا آهن. گپتا انڊين آرڪيالاجيڪل سوسائٽي جو چيئرمين به رهيو. پاڻ ان ئي سوسائٽي جي بليٽن جي ڪيترن ئي شمارن جو ايڊيٽر به رهيو. جڏهن ته الهه آباد ميوزم جي ڊائريڪٽر طور به ذميواريون نڀايون. پاڻ زندگي جي آخري لمحن ۾ انڊيا جي تاريخ ۽ ثقافت تي تحقيق خاطر انڊين هسٽري اينڊ ڪلچرل سوسائٽي جي قيام لاءِ جاکوڙيندو رهيو.
گپتا قديم سنڌو سڀيتا کي دنيا اندر روشناس ڪرائڻ لاءِ 30 کن ملڪن ۾ ليڪچر به ڏنا. کيس آرڪيالاجي جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڪيترائي ايوارڊ ۽ گولڊ ميڊل به ڏنا ويا. انهن ايوارڊن ۾ سر مورٽيمر ويلر ايوارڊ به شامل آهي. ايوڌيا جي جامع مسجد جي قديم دور جي مندر هجڻ بابت تڪراري رپورٽ ڏيڻ تي سندس شخصيت به تڪراري بڻجي وئي. سندس شخصيت مٿان بنياد پرست هندو تنظيم راشٽريا سيوامسيوڪ سنگهه جو نظرياتي اثر موجود رهيو، جنهن ڪري سندس انڊيا جي قديم تهذيب بابت جوڙيل راءِ به مذهبي اثر هيٺ رهي ۽ پنهنجي غير جانبداري قائم رکي نه سگهيو.

ڪتاب ۽ مقالا

• Tourism, Museums and Monuments (1975)
• The Roots of Indian Art (1980) (French edition: 1990)
• Cultural Tourism in India (S. P. Gupta and K. Lal), Indraprastha Museum of Art and Archaeology and D. K. Printworld, 2002.
• Elements of Indian Art: Including Temple Architecture, Iconography and Iconometry (S. P. Gupta and S. P. Asthana) New Delhi: Indraprastha Museum of Art and Archaeology, 2002.
• Temples in India (S. P. Gupta and V. Somasekh) New Delhi: Centre for Research and Training in History, Archaeology and Paleo-Environment, 2010.
• Disposal of the Dead and Physical Types in Ancient India (1971)
• Mahabharata, Myth and Reality - Differing Views (S. P. Gupta and K. S. Ramachandran, ed.) Delhi: Agam Prakashan, 1976.
• Archaeology of Soviet Central Asia and the Indian Borderlands (2 volumes) (1978)
• 'Frontiers of the Indus Civilization (B. B. Lal and S. P. Gupta, Eds.). New Delhi: Indian Archaeological Society, 1984.
• The lost Sarasvati and the Indus Civilization, Jodhpur: Kusumanjali Prakashan, 1984
• The Indus-Sarasvati Civilization, Delhi: Pratibha Prakashan (1996).
• Dimensions in Indian History and Archaeology (S. P. Gupta and K. S. Ramachandran, eds.) New Delhi: Indian History and lture Society, 1993.
• S. P. Gupta. The dawn of civilization, in G. C. Pande (ed.) History of Science, Philosophy and Culture in Indian Civilization ed., D. P. Chattophadhyaya, vol I Part 1) (New Delhi: Centre for Studies in Civilizations, 1999)