سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

نائينجوت لاهري Nayanjot Lahiri

نائينجوت لاهري Nayanjot Lahiri

نامياري آرڪيالاجسٽ ۽ تاريخدان نائينجوت لاهري دهلي يونيورسٽي جي تاريخ واري شعبي جي پروفيسر آهي. سندس جنم 3 مارچ 1960ع تي ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم دهلي جي اسٽيفن ڪاليج مان حاصل ڪئي. بعد ۾ هن دهلي يونيورسٽي مان ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد کيس دهلي يونيورسٽي جي هندو ڪاليج جي تاريخ واري شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ 1982ع کان 1993ع تائين تاريخ جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. بعد ۾ کيس دهلي يونيورسٽي جي تاريخ واري شعبي ۾ ريڊر مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ 1993ع کان 2001ع تائين خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. پاڻ انڊيا جي آرڪيالاجي ۽ قديم تاريخ تي تحقيق ڪري رهي آهي. هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي به ڪافي تحقيق ڪئي آهي. سندس سنڌو سڀيتا تي ڪيترائي ڪتاب ۽ تحقيقي مقالا لکيل آهن. لاهري سنڌو سڀيتا جي دريافت سميت ان جي پوئتي پوڻ جي ڪارڻن تي به تحقيق ڪئي آهي. ان سان گڏ پاڻ سنڌو سڀيتا جي وارثن جي پرڏيهه سان واپاري لاڳاپن تي به کوجنا ڪئي آهي. پاڻ ڪيترن ئي ملڪي ۽ بين الاقومي ايسوسئيشنس ۽ ادارن سان به لاڳاپيل آهي. لاهري 2007ع کان 2010ع تائين دهلي اربن آرٽ ڪميشن جي ميمبر رهي. پاڻ آمريڪن اينٿروپلاجسٽ جرنل جي ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبر ۽ برطانيه جي ورلڊ آرڪيالاجي جرنل جي صلاحڪاري ايڊيٽوريل بورڊ جي به ميمبر آهي.

ڪتاب ۽ مقالا

• Nayanjot Lahiri, The Decline and Fall of the Indus Civilization, Orient Longman Ltd., April, 2000
• Nayanjot Lahiri, Finding Forgotten Cities: How the Indus Civilization was Discovered, Jul 15, 2013
• Nayanjot Lahiri, The Archaeology of Indian Trade Routes up to c. 200 BC: Resource Use, Resource Access and Lines of Communication, Oct 15, 1992
• Nayanjot Lahiri, MARSHALLING THE PAST, 2016
• Nayanjot Lahiri, Secrets in The Dust: India The First Civilization
• Nayanjot Lahiri, Ancient India: New Research,2009 (with Upindar Singh)
• Nayanjot Lahiri, South Asian Demographic Archaeology and Harappan population estimates: A brief reassessment. The Indian Economic and Social History Review. 35(1): 1-22.1998.
• Nayanjot Lahiri, Some ethnographic aspects of the ancient copper-bronze tradition in India. Journal of the Royal Asiatic Society of Great Britain and Ireland. 3 (2): 219-232.1993.
• Nayanjot Lahiri, Harappa as a centre of trade and trade routes: A case study of the resource use, resource-access and lines of communication in the Indus Civilization. The Indian Economic and Social History Review. 27: 405-444.1990.
• Nayanjot Lahiri and D P Sharma. Harappan Settlers of the Yamuna-Ganga Doab. In Indus Civilization Sites in India: New Discoveries, ed. D K Chakrabarti, 52-56, Mumbai: Marg series.2004.
• Nayanjot Lahiri, The discovery of the indus civilization: Early intuitions and unknown reports, 1826-1920. In Negotiating India’s past essays in memory of Partha Sarthi Gupta, ed. B Pati, B P Sahu and T K Venkatasubramanian, 3-28, New Delhi: Tulika.2003
• Nayanjot Lahiri, The end of the Harappan Civilization and the Aryan Question: First Formulation. In reconstructing history essays in honour of Prof. V.C. Srivastava, ed. V D Misra, 195-204, Varanasi.1998.