سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

وسنت شيورام شاندي Vasant Shivram Shinde

وسنت شيورام شاندي Vasant Shivram Shinde

ڀارت ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر وسنت شيورام شاندي جو جنم 15 جون 1956ع تي ٿيو. پاڻ آڪٽوبر 2013ع کان دکن ڪاليج پوسٽ گريجوئيٽ ۽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو وائيس چانسيلر ۽ اپريل 2003ع کان آرڪيالاجي شعبي جو پروفيسر آهي. شاندي پونا يونيورسٽي مان تاريخ ۾ بي اي آنرس ڪرڻ بعد ساڳي يونيورسٽي مان انڊيا جي آرڪيالاجي، قديم تاريخ ۽ ثقافت تي ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد هن ساڳي يونيورسٽي مان آرڪيالاجي تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ گجراتي، ميراٺي، هندي ۽ انگريزي ٻوليون ڄاڻندو آهي. وسنت شاندي آڪٽوبر 2000ع کان اپريل 2001ع تائين انٽرنيشنل ريسرچ سينٽر ڪيوٽو جاپان جو به وزيٽنگ پروفيسر رهيو. جڏهن ته جاپان جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار هيومنٽي اينڊ نيچر ۾ به وزيٽنگ پروفيسر طور ذميواريون نڀايون. پاڻ گذريل 36 سالن کان آرڪيالاجي جي شعبي ۾ تحقيق سان سلهاڙيل آهي. کيس ڏکڻ ايشيا جي قديم تاريخ ۽ فيلڊ آرڪيالاجي تي مهارت حاصل آهي.
شاندي سنڌو سڀيتا جي ڪيترن ئي ماڳن کي دريافت ڪيو ۽ انهن جي کوٽائي ۾ به بهرو ورتو آهي، جن ۾ راجسٿان، ڪڇ، گجرات، دکن ۽ مهاراشٽريا جا قديم ماڳ شامل آهن. سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي سلسلي ۾ گهاگهر سرسوتي ندي جي ڪنارن تي قديم ماڳن جي دريافت ۽ کوٽائي سندس اهم ڪاميابين ۾ شامل آهي. وسنت شاندي ڪيترن ئي ملڪي ۽ بين الاقوامي ادارن ۽ سوسائٽين جو به ميمبر آهي. پاڻ انڊين سائنس ڪانگريس، ورلڊ آرڪيالاجيڪل ڪانگريس جو ميمبر ۽ سوسائٽي آف سائوٿ ايشين آرڪيالاجي ۽ انڊين آرڪيالاجيڪل سوسائٽي جو به تاحيات ميمبر آهي.

ڪتاب ۽ مقالا

• Excavations at Kaothe. (with M.K. Dhavalikar and S. Atre) Deccan College Research Institute, Pune. 1990
• Early Farming Community in the Central Tapi Basin (Study of Settlement and Subsistence Patterns), Munshiram Manoharlal Publishers, New Delhi. 1998.
• A Report on the Excavations at Farmana (2007-08): A Harappan site in the Ghaggar Basin. Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto, Japan. 2008.
• Harappan Necropolis at Farmana in the Ghaggar Basin, New Delhi: Indian Archaeological Society. 2009-2010.
• Heritage sites in Gujarat: A Gazetteer, (with Shweta Sinha Deshpande and Sanjay Deshpande) Aryan International Books, New Delhi. 2011.
• Excavations at Farmana, District Rohtak, Haryana, India 2006-2008. Kyoto: Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Japan. 2011.
• Excavations at Girawad, District Rohtak, Haryana, India 2006. Kyoto: Indus Project, Research Institute for Humanity and Nature, Japan. 2011.
• Excavations at Gilund: The Artifacts and Other Studies. University of Pennsylvania Museum of Archaeology and Anthropology, Philadelphia, USA. 2014.
• Chalcolithic South Asia: Aspects of Crafts and Technologies, Infinity Foundation, USA.

Monograph:
• Chalcolithic Mewar and its interaction with the Harappans”, Professor R. P. Vyas Memorial Lecture Series-II organized by Mahila P. G. Mahavidhyalaya, Kamala Nehru, Soorsagar Road, Jodhapur-342009 on 25th July 2015.