جين فرانڪوس جارجي Jean-François Jarrige
فرانسيسي قديم آثارن جي ماهر جين فرانڪوس جارجي کي ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي ۽ خاص ڪري سنڌالاجي تي مهارت حاصل رهي آهي. پاڻ 5 آگسٽ 1940ع تي فرانس جي شهر لورڊس ۾ جنم ورتو ۽ 18 نومبر 2104ع تي پئرس ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ پئرس يونيورسٽي مان اورينٽل آرڪيالاجي تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. کيس 2004ع ۾ پئرس جي ايشيائي ثقافت بابت ميوزم جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو.
جين فرانڪوس کي پاڪستان لاءِ فرينچ آرڪيالاجيڪل مشن جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان عرصي دوران هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي ڪافي تحقيق ڪئي ۽ نئين پٿر دور ۽ سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي به ڪرائي. جن ۾ 7 هزار ق م جو قديم ماڳ مهر ڳڙهه، نندواري، نوشهره ۽ پيراڪ شامل آهن. سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي قديم ماڳن تي کوٽائي دوارن کيس پنهنجي زال ڪيٿرائين جارجي جو به ساٿ شامل رهيو. ڪيٿرائين به اينٿروپلاجي جي شعبي جي ماهر هئي. جين فرانڪوس 1973ع کان 1975ع تائين سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ پيراڪ جي کوٽائي ڪرائي. بعد ۾ هن 1975ع کان 1985ع تائين ۽ ٻيهر 1996ع کان 2000ع تائين مهر ڳڙهه جي قديم ماڳ جي کوٽائي ڪرائي. جنهن سان سنڌو سڀيتا جي قدامت ۾ 9 هزار سالن تائين واڌ ٿي وئي. جين فرانڪوس 1986ع کان 1996ع تائين نوشهره جي قديم ماڳ جي کوٽائي ڪرائي. هن ۽ سندس زال ڪيٿرائين سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پنهنجي طرفان ڪيل تحقيق کي ڪيترن ئي رپورٽن ۽ ڪتابن جي شڪل ۾ پڌرو ڪري سنڌو ماٿري جي وڌيڪ رخن کي دنيا آڏ متعارف ڪيو. سندس تحريرون فرينچ ۽ انگريزي زبان ۾ شايع ٿيون.
ڪتاب ۽ رپورٽون
• 1990 - La Préhistoire et la civilisation de l'Indus (editor)
• 1993 - The Early architectural traditions of the greater Indus Valley as seen from Mehrgarh, Baluchistan (editor)
• 1995 - Du néolithique à la civilisation de l'Inde ancienne: contribution des recherches archéologiques dans le nord-ouest du sous-continent indo-pakistanais