لويو گيوسين Liviu Giosan
سامونڊي جيالاجي ۽ جيوفزڪس جي نامياري سائنسدان لويو گيوسين سنڌو سڀيتا جي ماحوليات، موسم ۽ درياهي وهڪرن بابت سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪئي آهي. پاڻ وڊس هول اوشينگرافڪ انسٽيٽيوشن جي جيالاجي ۽ جيوفزڪس دپارٽمينٽ جو ايسوسيئيٽ سائنسدان آهي. پاڻ 1993ع ۾ بخارسٽ يونيورسٽي مان جيولاجي ۾ ڊپلوما ڪئي. جنهن بعد سني اسٽوني بروڪ مان 1995ع ۾ ميرائن انوائرمينٽل سائنس ۾ ايم ايس سي جي ڊگري ورتي. بعد ۾ ساڳي يونيورسٽي مان ميرائن ۽ آبهوا بابت سائنس جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. هن قديم تهذيبن جي زوال پويان آبهوا ۽ ماحولياتي تبديلين بابت تحقيق ڪئي. جڏهن ته درياهن جي ڇوڙ ۽ سامونڊي ڪنارن تي تهذيبن جي ڦهلاءَ ۽ زوال بابت کوجنا به سندس اهم موضوع رهيا آهن. پاڻ آمريڪن جيوفزيڪل يونين، جيولاجيڪل سوسائٽي آف آمريڪا ۽ يورپين جيوسائنس يونين جو ميمبر آهي.
لويو گيوسين، وڊس هول اوشينگرافڪ انسٽيٽيوشن طرفان سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي پوئتي پوڻ جا ڪارڻ ڳولڻ لاءِ سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪئي آهي. هن پنهنجي ساٿي سائنسدانن جي مدد سان تحقيق بعد اهو نتيجو ڪڍيو ته سنڌو سڀيتا جي پوئتي جا ڪارڻ ماحولياتي تبديليون هيون. آبهوا ۾ تبديلين سبب برساتن ۾ گهٽتائي اچڻ ڪري سنڌو ماٿري جي شهر اجڙڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته هنن وٽ آبپاشي جو هٿرادو نظام موجود نه هو، جيڪو درياهي وهڪرن ۾ لاٿ ۽ برساتن گهٽ پوڻ سبب نهري پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي. سنڌو ماٿري جي شهرن جي رونق برساتن سبب جهجهي انداز ۾ زرعي فصلن جي هجڻ سان برقرار هئي، جڏهن برساتون گهٽجي ويون ته درياهي وهڪرن ۾ لاٿ اچي وئي. خاص ڪري برساتن جي پاڻي تي وهندڙ نديون سڪي ويون ۽ ڍنڍون ڍورا غائب ٿي ويا، تنهن ڪري سنڌو سڀيتا جا شهر پنهنجو اوج برقرار رکي نه سگهيا ۽ هن ڀري ڀاڳي ماٿري مان اوڀر يعني گنگا ماٿري طرف لڏپلاڻ شروع ٿي.
ڪتاب ۽ مقالا
• Giosan, L., Fuller, D., Nicoll, K., Rowan, F., Clift, P., (Eds.), 2012, Climate, landscapes and civilizations, American Geophysical Union Monograph (in press).
• Giosan, L. and Bhattacharya, J., (Eds.), 2005, River Deltas: Concepts, Models, Case Studies, SEPM Special Publication, 83, 520 p.
• Giosan, L., Constantinescu, S., Clift, P.D., Tabrez, A.R., Danish, M., Inam, A., 2006, Recent morphodynamics of the Indus delta shelf and coast, Continental Shelf Research, 26, 14.
• Giosan, L., Inam, A., Clift, P.D., 2007, The Geographic, Geological and Oceanographic Setting of the Indus River, in Gupta, A. (Ed.), Large Rivers, Willey Press, (in press).
• Giosan, L., Alizai, A., Clift, P.D., et al., 2011, Pb Isotopic Variability in the Modern and Holocene Indus River System measured by Ion Microprobe in detrital K-feldspar grains,
Geochimica et Cosmochmica Acta.
• Giosan, L., Limmer D.R.., Boening P., et al. 2012, Geochemical record of Holocene to Recent sedimentation on the Western Indus continental shelf, Arabian Sea, Geochemistry, Geophysics,
Geosystems, 13.
• Giosan, L., Alizai, A., Hillier, S., Clift, P.D., et al., 2012, Clay mineral variations in Holocene terrestrial sediments from the Indus Basin, Quaternary Research, 77: 368-381.