ديا رام ساهني Daya Ram Sahni
راءِ بهادر ديا رام ساهني انڊيا جو پهريون آرڪيالاجي جو ماهر هيو، جنهن کي برطانوي دور ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. سندس مقرري کان اڳ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جا سڀ ڊائريڪٽر برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن سان تعلق رکندڙ هئا. ساهني 16 ڊسمبر 1879ع تي گڏيل هندستان جي پنجاب رياست جي شاهپور ضلعي جي ڳوٺ بهريا ۾ جنم ورتو. پاڻ پنجاب يونيورسٽي مان سنسڪرت ٻولي ۾ گريجوئيشن حاصل ڪئي. جنهن بعد پاڻ 1903ع ۾ اورينٽل ڪاليج مان ايم اي جي ڊگري ورتي. تعليم مڪمل ٿيڻ بعد کيس آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ سرويئر مقرر ڪيو ويو. ساهني مقرري بعد آرڪيالاجي سرڪل پنجاب ۾ جي ووگل جي سرواڻي هيٺ قديم آثارن تي ڪم شروع ڪيو. پاڻ سرجان مارشل جي سربراهي هيٺ 1905ع ۾ قديم ماڳ ڪاسيا ۽ راجگير بهار جي کوٽاين ۾ بهرو ورتو.
ديا رام ساهني 1921ع ۾ سر جان مارشل جي سربراهي ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ هڙاپا جي کوٽائي ۾ به بهرو ورتو. ديا رام ساهني 1911ع کان 1912ع تائين لکنو ميوزم جي ڪيوريٽر طور به ذميواريون نڀايون. کيس 1917ع ۾ متحد پنجاب جي آرڪيالاجي سرڪل جو اسسٽنٽ سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. ان عرصي دوران پاڻ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ هڙاپا جي کوٽائي ڪرائي. کيس 1925ع ۾ دهلي بدلي ڪري آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. کيس 1931ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو پهريون مقامي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تي پاڻ 1935ع تائين ذميواريون نڀائيندو رهيو. سنڌو سڀيتا تي تحقيق جي مڃتا طور کيس مارچ 1920ع ۾ ”راءِ بهادر“ جي اعزاز سان به نوازيو ويو.
ڪتاب ۽ مقالا
• Daya Ram Sahni, Archaeological Remains and Excavations at Sambhar, Jaipur, India: Publication Scheme, 1999
• Daya Ram Sahni, Excavations at Bairat, Jaipur, India: Publication Scheme,1999
• DAYA RAM SAHNI,Three Mathura Inscriptions and their bearing on the Kushana Dynasty, Journal of the Royal Asiatic Society, July, 1924