سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

آر ڊي بئنرجي R. D. Banerji

آر ڊي بئنرجي R. D. Banerji

سنڌو ماٿري جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جي دريافت جو عظيم ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ ماهر آر ڊي بئنرجي هو. ڀارت جي هن آرڪيالاجي ماهر کي ان عظيم دريافت بعد سڄي دنيا اندر شهرت حاصل ٿي ۽ سندس عالمي سطح جي آرڪيالاجيجي ماهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. راکلداس بئنرجي ڀارت جو هڪ مشهور تاريخدان، آرڪيالاجي ۽ قديم لکتن بابت ماهر هيو. پاڻ 12 اپريل 1885ع ۾ ڀارت جي مرشد آباد ضلعي جي شهر برهمپرا ۾ جنم ورتو ۽ 23 مئي 1930ع ۾ وفات ڪئي. هن 1900ع ۾ برهمپرا جي ڪرشناٿ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد پريزيڊنسي ڪاليج ڪولڪتا مان 1907ع ۾ تاريخ جي شعبي ۾ گريجوئيشن ڪئي. جنهن بعد هن ڪلڪتا يونيورسٽي مان 1911ع ۾ تاريخ ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. بئنرجي کي ڪلڪتا ميوزم جي آرڪيالاجي سيڪشن ۾ اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو. جنهن بعد 1911ع ۾ کيس آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو اسسٽنٽ سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. سندس آرڪيالاجي جي شعبي ۾ ڪم ۽ ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي 1917ع ۾ ترقي ڏئي آرڪيالاجي سرڪل اولهه جو سپرينٽينڊنگ آرڪيالاجسٽ مقرر ڪيو ويو. پاڻ 1926ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي ملازمت تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. جنهن بعد بنارس هندو يونيورسٽي ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. راکلداس بئنرجي 1928ع کان پنهنجي وفات يعني 1930ع تائين بنارس هندو يونيورسٽي ۾ قديم انڊيا جي تاريخ ۽ ڪلچر بابت شعبي جو پروفيسر رهيو. هن پنهنجي مادري ٻولي بنگالي ۾ به ڪيترائي ناول لکيا.
راکلداس بئنرجي کي قديم لکتن جي اڀياس جو تمام گهڻو شوق هوندو هو ۽ پاڻ 1919ع کان قديم دور جي لکتن کي پڙهڻ بابت پنهنجو ڪم جاري رکيو ۽ پراچين بنگالي لکت کي پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن تي کيس ڪلڪتا يونيورسٽي طرفان جوبلي ريسرچ جو ايوارڊ ڏنو ويو. بئنرجي پنجاب ۽ سنڌ ۾ سڪندر اعظم جي دور جي قديم ٺلن بابت جاچ پڙتال ڪري رهيو هو ته اتفاق سان هيءُ ماهر ووڙيندو ووڙيندو 1922ع ۾ اچي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شهر کان 6 ميل پري هڪ ٻڌ اسٽوپا وٽ پهتو، جيڪو ٻڌ دور جو هڪ مندر هيو. جڏهن بئنرجي ٺل ڀرسان ڪجهه کوٽائي ڪرائي ته کيس اتان پٿر جا ڪپ ۽ ٺڪر جي ٿانون جو اهڙو ٺيڪراٽ هٿ آيس، جن جو ٻڌ دور سان ڪو به واسطو نه هيو. پر اهي ڪنهن هزارين سال پراڻي دور جي ڪنهن نرالي تهذيب جي نشاندهي ڪن پيا. جڏهن بئنرجي اسٽوپا ڀرسان کوٽائي ڪرائي ته اتان هن کي هڪ اهڙي مهر ملي، جيڪا شڪل ۽ صورت ۾ هڙاپا مان مليل هڪ تصويري رسم الخط واري مهر سان هڪ جهڙائي ڏيکاري پئي. جيڪا سر الگزينڊر ڪنگهم کي هڙاپا جي کوٽائي مان ملي هئي. ان مان بئنرجي اندازو لڳايو ته هتان اڃا ڪنهن قديم تهذيب تي روشني پوندي. جيڪا هڙاپا وانگر 5 هزار سال کن پراڻي هوندي. ڇو جو هتان ملندڙ ڪجهه اوزار ۽ ٺڪر جا ٿانون هڙاپا مان انهن ئي ڏينهن ۾ ٿيندڙ کوٽائي مان ملي رهيا هئا. جيڪو هنڌ ان وقت برصغير ۾ سڀ کان پراڻو ۽ قديم شمار ڪيو ويندو هو. آر ڊي بئنرجي اهڙو اطلاع برٽش گورنمينٽ جي آرڪيالاجي کاتي کي ڏنو، جنهن بعد 1922ع ۾ برطانوي هند جي آرڪيالاجي کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل موهن جي دڙي پهتو ۽ هن موهن جو دڙو جي کوٽائي شروع ڪئي، جنهن ۾ آرڪيالاجي کاتي جاعملدار ڪي اين ڊڪشٽ ۽ ارنيسٽ ميڪي ساڻس گڏ هئا.
آر ڊي بئنرجي جي شروعاتي ڪوششن سان ئي سنڌ جي 5 هزار سال پراڻي تهذيب مٿان زمانن جا پيل پردا ۽ لٽ لهڻ شروع ٿيا. قديم آثارن جي ماهرن جون پرڏيهي اخبارن ۾ هن عظيم تهذيب بابت رپورٽون ۽ بيان شايع ٿيڻ شروع ٿيا ۽ جلد ئي سڄي دنيا ۾ هن عظيم تهذيب ۽ تمدن جي هاڪ پئجي وئي. ان ئي کوٽائيءَ نه فقط سنڌ ديس جي اڻ لکيل تاريخ ۾ 5 هزار سال اڳ جي سونهري دور جو اضافو ڪيو، پر بئنرجي کي به جڳ جهان ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. موهن جي دڙي جي دريافت بعد آر ڊي بيئنرجي ان بابت ڪيترن ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ۽ مقالا لکيا. سندس انهن مضمونن ۽ ڪتابن ۾ انگريزي ۾” انڊيا جو 5 هزار سال پراڻو شهر“، بنگالي ۾ ”موهن جو دڙو“ ۽ ”تاريخ کان اڳ، قديم هندو انڊيا“ ۽ ”موهن جو دڙو هڪ وساريل رپورٽ“ شامل آهن.

ڪتاب ۽ مقالا

• An Indian City Five Thousand Years Ago
• Muhen-jodaro" (in Bangla, Basumati, 1331 BS)
• Prehistoric, Ancient and Hindu India (posthumously published, 1934)
• Mahenjodaro – A Forgotten Report
• History of India (1924)
• A Junior History of India (1928)