سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

سر جان مارشل Sir John Marshall 

سنڌو سڀيتا جي مکيه ماڳن موهن جو دڙو ۽ هڙاپا تي بنيادي کوجنا ڪندڙ ماهر سر جان مارشل هيو. سندس ئي کوجنا ۽ تحقيق بعد هي عظيم تهذيب پنهنجي سمورن رنگن ۽ روپن سان دنيا آڏو نکري نروار ٿي. سر جان مارشل برطانيه جي شهر چيسٽر ۾ 19 مارچ 1876ع تي جنم ورتو ۽ پاڻ گلڊفورڊ ۾ 17 آگسٽ تي وفات ڪري ويو. جان هبرٽ مارشل ڊلوچ ۽ ڪنگس ڪاليج ڪيمبرج ۾ تعليم حاصل ڪئي. پاڻ 1902ع کان 1928 تائين آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. جان مارشل اهو پهريون پرڏيهي ماهر هيو، جنهن قديم آثارن جي کوٽائي ۾ هتان جي مقامي ماڻهن کي به شريڪ ڪيو ۽ انهن کي هن شعبي سان نه فقط متعارف ڪرايو پر کين تربيت به ڏني. جان مارشل 1913ع ۾ ٽيڪسيلا جي قديم آثارن جي کوٽائي ڪرائي. هن شخص ئي 1918ع ۾ ٽيڪسيلا ميوزم جو بنياد رکيو. هن انڊيا ۾ ٻڌ دور جي قديم آثارن تي به ڪم ڪيو. اشوڪا دور جي قديم ماڳن تي به سندس کوجنا اهميت لائق آهي.
سر جان مارشل جو ڀارت ۾ آرڪيالاجي جي شعبي ۾ واکاڻ جوڳو ڪم موهن جي دڙي جي کوٽائي هئي. هن برطانوي ماهر نه فقط موهن جو دڙو پر سنڌو سڀيتا جي ٻين قديم ماڳن بلوچستان جي نال ۾ سوهر دامب جي به کوٽائي ڪرائي. موهن جي دڙي جي کوٽائي بعد هن پنهنجي کوجنا تي ٻڌل ڪتاب ”موهن جو دڙو ۽ سنڌو سڀيتا“ (Mohenjo-Daro and the Indus Civilization)جي نالي سان ٽن جلدن ۾ انگريزي ۾ لکي پڌرو ڪيو. جيڪو سنڌو سڀيتا تي هڪ مکيه ماخذ قرار ڏنو ويندو آهي.

ڪتاب ۽ مقالا

• Marshall, John (1931). Mohenjo-Daro and the Indus Civilization. (3 Volumes)
• Marshall, John H. (1960). The Buddhist Art of Gandhara: The Story of the Early School, Its Birth, Growth and Decline. Cambridge: Cambridge University Press.
• Marshall, John H. (1960). A Guide to Taxila (4th ed.). Cambridge: Cambridge University Press.
• Marshall, John H.; M. B. Garde (1927). The Bagh Caves in the Gwalior State. London: The India Society.
• Marshall, John H.; Foucher, Alfred. The Monuments of Sanchi (3 vol.).
• Marshall, John H. (1918). A Guide to Sanchi. Calcutta: Superintendent, Government Printing.