سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

ديو پرڪاش شرما Deo Prakash Sharma

آرڪيالاجي جو ماهر ڊاڪٽر ديو پرڪاش شرما بنارس هندو يونيورسٽي جو پروفيسر رهيو آهي. قديم آثارن ۽ ميوزم ٽيڪنالاجي بابت مهارت رکندڙ هن ڀارتي ماهر قديم تاريخ جي موضوع تي الهه آباد يونيورسٽي مان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ ساڳي يونيورسٽي مان گنگا جمنا ماٿري جي فن تعميرات تي ڊاڪٽر آف فلاسافي جي ڊگري ورتي. جنهن بعد پاڻ ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ تي يونيورسٽي آف لنڊن جي آرڪيالاجي انسٽيٽيوٽ مان آرڪيالاجي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. پرڪاش شرما ان دوران برطانيه، ڏکڻ آفريڪا ۽ ٻين هنڌن تي قديم آثارن جي کوٽائي ۾ بهرو ورتو. هن 1985ع کان 2005ع تائين نئين دهلي جي نيشنل ميوزم ۾ هڙاپا ۽ قديم دور جي نواردات تي تحقيق ڪئي. کيس 2005ع ۾ نيشنل ميوزم ۾ اسيوسيئيٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر شرما جا سنڌو سڀيتا سميت قديم تهذيبن ۽ ثقافتن تي 40 ڪتاب لکيل آهن ۽ هن 210 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا به تحرير ڪيا آهن. هن وقت پاڻ ڀارت ڪلا ڀون وارنسي ۾ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. پاڻ سنڌو سڀيتا جي لکت تي به ڪم ڪيو آهي.

ڪتاب ۽ مقالا

• Palaeolithic Age.
• Indus Script On Its Way To Decipherment, Bhartiya Kala Prakashan, 2000.
• The Lost Saraswati Civilization.
• Harrapan Potteries.
• Early Buddhist Metal Images of South Asia.
• Panorama of Harappan Civilization.
• Harappan Terracottas In The Collection Of The National Museum.