سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

سيد حاڪم علي شاهه بخاري Syed Hakim Ali Shah Bukhari

سيد حاڪم علي شاهه بخاري Syed Hakim Ali Shah Bukhari

سنڌ جو ناميارو آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختون خواهه صوبن ۾ سنڌو سڀيتا سان لاڳاپيل ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي ۽ ڪيترن ئي ماڳن جو سروي به ڪرايو آهي. پاڻ 15 فيبروري 1938ع ۾ دادو لڳ ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ پئدا ٿيو، 1950ع ۾ فائينل جو امتحان پاس ڪري 1957ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي اسڪالرشپ تي 1968ع ۾ پشاور يونيورسٽي مان آرڪيالاجي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. حاڪم علي شاهه 1969ع ۾ موهن جو دڙو ميوزم ۾ گيلري اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو. پاڻ قديم آثارن واري کاتي ۾ 29 سال ملازمت بعد 14 فيبروري 1998ع تي رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. هن آرڪيالاجي کاتي طرفان 1967ع ۽ 1968ع ۾ خيبر پختون خواهه صوبي ۾ قديم ماڳ اندان جي کوٽائي ڪرائي. جڏهن ته بلوچستان جي قديم ماڳ پيرڪ جي ٻه ڀيرا 1970ع ۽ 1974ع ۾ کوٽائي ڪرائي. سنڌ ۾ 1973ع ۾ سنڌو ماٿري جي قديم ماڳ جهڪر جي کوٽائي ڪرائي، پاڻ ساڳي ئي سال ۾ سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ هڪ مهيني تائين قديم ماڳن جي چوک ۽ چڪاس ڪئي. پاڻ هن وقت سنڌ آرڪائيوز کاتي طرفان آرڪيالاجي شعبي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طور ذميواريون نڀائي رهيو آهي.

ڪتاب ۽ مقالا

• Khirthar (English) ENI Pakistan Islamabad as Co-author
• سنڌ جي قديم آثارن جي ڊڪشنري (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2008- شريڪ ليکڪ)
• Kalhora Period Architecture
Sindh Archives 2006 Author