سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

ماڌو سروپ ويٽس Madho Sarup Vats

ڀارتي آرڪيالاجسٽ پنڊت ماڌو سروپ ويٽس گڏيل هندستان جي رياست پنجاب ۾ 12 اپريل 1896ع تي جنم ورتو. پاڻ 7 ڊسمبر 1955ع ۾ وفات ڪري ويو. هن پنجاب يونيورسٽي لاهور مان سنسڪرت ۾ گريجوئيشن حاصل ڪئي. هن 1918ع ۾ پٽنا ميوزم ۾ ملازمت سان آرڪيالاجي جي شعبي ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. ويٽس اپريل 1920ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ ملازمت حاصل ڪئي. کيس آرڪيالاجيڪل سرڪل اولهه ۾ اسسٽنٽ سپرينٽيندنٽ مقرر ڪيو ويو. جنهن بعد هن قديم آثارن جي شعبي ۾ وڌيڪ جفاڪشي سان بهرو ورتو. ويٽس سر مارٽيمر ويلر جي سربراهي هيٺ 1920ع ۽ 1930ع ۾ هڙاپا جي کوٽائي ۾ به حصو ورتو. ويٽس کي 1924ع ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ موهن جي دڙي تي کوٽائي ڪرائڻ سبب وڌيڪ شهرت حاصل ٿي. هن 1934-35ع ۾ هڙاپا جي قديم ماڳ تي به کوٽايون ڪرايون. سخت محنت ۽ ڪم سان لڳاءَ سبب کيس 1950ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تي هن لڳاتار 4 سال 1954ع تائين ذميواريون نڀايون. پنهنجي عهدي تان رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ بعد هن قديم آثارن تي ڪرايل کوٽاين ۽ کوجنا کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو.

ڪتاب ۽ مقالا

• Madho Sarup Vat, Excavations At Harappa: Being An Account Of Archæological Excavations At Harappa Carried Out Between The Years 1920-21 And 1933-34. Volume 1, Manager of Publications (1940)
• Madho Sarup Vat, Excavations At Harappa: Being an Account of Archeaological Excavations At Harappa Carried Out Between the Years 1920-21 and 1933-34 (2 Volumes), Archaeological Survey of India. 1997
• Madho Sarup Vat, The Gupta Temple At Deograh, Archaeological Survey of India; 1999