سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

شاهده انصاري Shahida Ansari

شاهده انصاري Shahida Ansari

ڀارتي آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر شاهده انصاري گجرات ۽ اوڀر پنجاب ۾ سنڌو سڀيتا جي ماڳن تي تحقيق ڪري رهي آهي. شاهده 8 ڊسمبر 1972ع تي جنم ورتو ۽ پاڻ ننڍي عمر ۾ ئي سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ سائنسدانن جي سٿ ۾ شامل ٿي. شاهده هن وقت دکن ڪاليج پوني ۾ ايپيگرافي ۽ پيليوگرافي جي شعبي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ذميواريون ادا ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر شاهده 1992ع ۾ ڪي سي ڪاليج بمبئي مان تاريخ ۽ انڊيا جي قديم ڪلچر تي بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ دکن ڪاليج پوني مان 1994ع ۾ انڊيا جي قديم تاريخ، ڪلچر ۽ آرڪيالاجي ۾ ايم اي ڪئي. پاڻ ساڳي ڪاليج مان 2002ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس تحقيقي مقالي جو موضوع ڏکڻ ۽ مرڪزي گنگا ماٿري ۾ اوائلي دور جي آبادين جي رهائشي نظام بابت کوجنا ڪرڻ هيو. شاهده انصاري ميوزولاجي ۽ سنسڪرت ٻولي ۾ به ڊپلوما جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن.
هن سنڌو سڀيتا جي ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي آهي ۽ اڳ دريافت ڪيل وسندين تي کوجنا ڪئي آهي. جن ۾ اوڀر پنجاب ۾ قديم ماڳ روپانگر، راجسٿان ۾ ڪرانپورا، ڪڇ ضلعي ۾ ڪانمير جا قديم ماڳ شامل آهن. پاڻ ميوزم ايسوسيئيشن انڊيا دهلي، انڊين سوشل سائنس ايسوسيئيشن آگرا، سوسائٽي آف سائوٿ ايشين آرڪيالاجي پوني ۽ سوسائٽي فار ميرين آرڪيالاجي گوا جي تاحيات ميمبر پڻ آهي. شاهده انصاري سنڌو سڀيتا سميت قديم انڊيا جي آرڪيالاجي ۽ انيٿروپلاجي تي 4 ڪتاب لکيا آهن، جڏهن ته سندس 19 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا انڊيا سميت ٻين بين الاقوامي جرنلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

ڪتاب ۽ مقالا

• Ansari, Shahida, Ethnoarchaeological Perspectives of Prehistoric Settlement Patterns of South-Central Ganga Valley (British Archaeological Reports International Series), British Archaeological Reports (2011)
• SHAHIDA ANSARI, VIJAY SARDE and MOHAN S. PARDHI, ARCHAEOLOGICAL INVESTIGATIONS IN 'APSINGA'A SATAVAHANA SETTLEMENT IN OSMANABAD DISTRICT, MAHARASHTRA, Bulletin of the Deccan College Research Institutem Vol. 72/73 (2012-2013), pp. 225-244
• SHAHIDA ANSARI, DECCAN COLLEGE MUSEUM: A SPECIALIZED MUSEUM IN ARCHAEOLOGY, Bulletin of the Deccan College Research Institute, Vol. 68/69 (2008-2009), pp. 243-276