سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

آر اڌيڪاري R. Adhikari



ڀارتي سائنسدان آر اڌيڪاري جو اصل نالو رونوجاءِ اڌيڪاري آهي، پاڻ چنائي ۾ انسٽيٽيوٽ آف ميٿاميٽيڪل سائنس ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز آهي. پاڻ ڀارتي شهر چنائي ۾ پئدا ٿيو ۽ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سائنس مان فزڪس ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. جنوري 2012ع کان انسٽيٽيوٽ آف ميٿاميٽيڪل سائنس سان لاڳاپيل آهي. اڌيڪاري نيويارڪ يونيورسٽي ۽ پرنسٽن يونيورسٽي جو فيلو ۽ ڪيمبرج يونيورشتي جو وزيٽنگ پروفيسر به رهي چڪو آهي. پاڻ مٽيريل فزڪس ۽ ڪمپيوٽر ۾ هيومن انٽيليجنس جي شعبي ۾ مهارت رکندڙ آهي. کيس سندس تحقيق جي مڃتا طور ڪيترائي عالمي ۽ ملڪي ايوارڊ به ملي چڪا آهن. اڌيڪاري سنڌو سڀيتا تي سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪندڙ ماهرن ۾ شامل آهي. هن ڪيترن ئي ملڪي ۽ بين الاقومي آرڪيالاجسٽن ۽ ٻولي ۽ قديم تاريخ جي ماهرن سان گڏجي سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪئي آهي. سنڌو ماٿري جي لکت جي حوالي سان پاڻ ڪمپيوٽر انٽيليجنس جي مدد سان تحقيق ڪندڙ ماهرن جي سٿ ۾ شامل آهي.

ڪتاب

• Fluvial landscapes of the Harappan civilization, Liviu Giosan, Peter D Clift, Mark G Macklin, Dorian Q Fuller, Stefan Constantinescu, Julie A Durcan, Thomas Stevens, Geoff AT Duller, Ali R Tabrez, Kavita Gangal, Ronojoy Adhikari, Anwar Alizai, Florin Filip, Sam VanLaningham, James PM Syvitski, Proceedings of the National Academy of Sciences, Volume: 109, Issue, 26, 2012/6/26
• Entropic evidence for linguistic structure in the Indus script, Rajesh PN Rao, Nisha Yadav, Mayank N Vahia, Hrishikesh Joglekar, R Adhikari, Iravatham Mahadevan, Journal Science, Volume: 324, Issue: 5931, 2009/5/29
• Statistical analysis of the Indus script using n-grams, Nisha Yadav, Hrishikesh Joglekar, Rajesh PN Rao, Mayank N Vahia, Ronojoy Adhikari, Iravatham Mahadevan, PLoS One, Volume: 5, Issue: 3, 2010/3/19
• Entropy, the Indus script, and language: A reply to R. Sproat, Rajesh PN Rao, Nisha Yadav, Mayank N Vahia, Hrishikesh Joglekar, Ronojoy Adhikari, Iravatham Mahadevan, Computational Linguistics, Volume: 36, Issue: 4, 2010/12/15
• Spatio-temporal analysis of the Indus urbanization, K Gangal, MN Vahia, R Adhikari, Current Science(Bangalore), Volume: 98, Issue, 6, 2010/3/25
• A Markov model of the Indus script, Proceedings of the National Academy of Sciences, Volume: 106, Issue: 33. 2009/8/18