والٽر فيئرسروس Walter Ashlin Fairservis
ڊاڪٽر والٽر ايشلين فيئرسروس کي قديم دور جي تهذيبن جي اوسر ۽ زوال بابت اٿارٽي تصور ڪيو ويندو آهي. سندس جنم 1921ع ۾ آمريڪا جي شهر بروڪلن ۾ ٿيو ۽ پاڻ 12 جولاءِ 1994ع تي 74 سالن جي ڄمار ۾ شيرون ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ ڪولمبيا يونيورسٽي مان اينٿروپلاجي ۾ بي اي ۽ ايم اي جون ڊگريون حاصل ڪيون ۽ هارورڊ يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ تعليم حاصل ڪرڻ بعد شروع ۾ 1941ع تائين آمريڪن ميوزم آف نيچرل هسٽري سان لاڳاپيل رهيو. بعد ۾ کيس پهريون ڀيرو 1949ع ۾ آمريڪا جي آرڪيالاجيڪل مشن هيٺ افغانستان موڪليو ويو. پاڻ 1960ع ۾ پاڪستان ۾ آيو ۽ هتي سنڌو ماٿري جي سڀيتا سميت ڪيترن ئي آرڪيالاجي جي پروجيڪٽن سان لاڳاپيل رهيو. سنڌو سڀيتا جي لکت کي پڙهڻ جي به ڪوشش ڪئي ۽ ان موضوع تي جامع ڪتاب تحرير ڪيو.
فيئرسروس ڪيترن ئي ادارن سانلاڳاپيل رهيو. جن ۾ هارورڊ يونيورسٽي جو پيباڊي ميوزم، پينسلوينيا يونيورسٽي جو ميوزم ۽ ٿامس برڪي ميمورل واشنگٽن اسٽيٽ ميوزم شامل آهن. 1969ع ۾ پاڻ واسر ڪاليج جي اينٿروپلاجي دپارٽمينٽ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ 1969ع کان 1993ع تائين فرض سرانجام ڏيندو رهيو. پاڻ ساڳي ڪاليج ۾ ايشيا بابت اڀياس جو مرڪز قائم ڪري پاڻ ان جي دائريڪٽر طور ذميواريون نڀايون. هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي ماڳ الهه ڏنو سميت ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي به ڪرائي. بلوچستان ۾ به سنڌو سڀيتا جي ماڳن تي کوجنا ڪئي. سنڌو سڀيتا تي سندس ڪتابن ڪافي مقبوليت ماڻي ۽ نه صرف بحث جو موضوع بڻيل رهيا، پر سنڌو سڀيتا تي بعد ۾ کوجنا ڪندڙن لاءِ مددگار ثابت ٿيا.
ڪتاب ۽ مقالا
• The Roots of Ancient India (1969).
• The Ancient Kingdoms of the Nile and the Doomed Monuments of Nubia (1962).
• Cave Paintings of the Great Hunters (1959).
• The Harrapan Civilization and Its Writing: A Model for the Decipherment of the Indus Script(1992).
• The Archaeology of the Southern Gobi -- Mongolia (1993)
• Excavations at the Harappan site of Allahdino: the seals and other inscribed material (1976).
• South Asian Archaeology Studies (1993).