سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

اين جي مجمدار N. G. Majumdar

اين جي مجمدار N. G. Majumdar

قديم آثارن جي ماهر ناني گوپال مجمدار سنڌو سڀيتا جي کوج جي حوالي سان انتهائي وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ ان ئي جاکوڙ دوارن پنهنجي جان به گهوري ڇڏي. پاڻ پهرين ڊسمبر 1897ع تي گڏيل هندستان جي رياست بنگال جي شهر جيسور ۾ جنم ورتو. مجمدار ڪلڪتي يونيورسٽي مان 1920ع ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ان سان گڏ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. جنهن بعد پاڻ ساڳي يونيورسٽي مان 1923ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد هن آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ ملازمت حاصل ڪئي. جتان ئي سندس قديم آثارن تي کوجنا جو ڪم موهن جي دڙي جي کوٽائي ۾ حصو وٺڻ سان شروع ٿيو. اين جي مجمدار کي 22 اپريل 1929ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو.
اين جي مجمدار سنڌ ۾ چانهون جي دڙي سميت 62 قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. پاڻ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ 1927ع ۾ قديم آثارن جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو ۽ هن سنڌو سڀيتا جي ڳوٺاڻي ثقافت ۽ شهري تمدن سان واسطو رکندڙ قديم ماڳن تي تحقيق ڪئي. مجمدار کي سنڌ ۾ قديم آثارن جي کوٽائي لاءِ 1927-28ع ۾ فنڊ مهيا ڪيو ويو، جنهن بعد هن موهن جو دڙو لڳ جهڪر جي قديم ماڳ جي کوٽائي ڪرائي. مارچ 1930ع ۾ پاڻ سنڌو سڀيتا جي ٻن قديم ماڳن، ٺارو جون ٽڪريون ۽ چانهون جي دڙي جي ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. جنهن بعد هن کيرٿر جي پهاڙي سلسلي لڳ قديم دور جي ماڳن جي کوجنا شروع ڪئي. هن مارچ 1931ع تائين قديم دور جا 32 ماڳ هٿ ڪيا. پنهنجي ان کوجنا متعلق تفصيلي رپورٽ ”ايڪسپلوريشن ان سنڌ“ (Exploration in Sind) جي نالي سان ڪتاب جي صورت ۾ اڳيان آندي. آمري جي قديم ماڳ جي عظمت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ به اين جي مجمدار جو هٿ هيو. سندس هي ڪتاب 1934ع ڌاري شايع ڪيو ويو. ان بعد کيس پهرين آڪٽوبر 1938ع ۾ ٻيهر سنڌ جي قديم ماڳن تي تحقيق جو ڪم سونپيو ويو. مجمدار پيرين پنڌ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي موهن جي دڙي جي دور جون ڊزن کن قديم وسنديون دريافت ڪيون. هن ان کوجنا لاءِ 200 ميل پيرين پنڌ ڪري هڪ مثال قائم ڪيو. کيس اهو پراجيڪٽ 6 مهينين لاءِ ڏنو ويو هو، پر افسوس جو هن سنڌو سڀيتا تي تحقيق دوران پنهنجي جان ڏئي، هڪ ٻيو انوکو مثال قائم ڪيو. پاڻ جڏهن ان پروجيڪٽ تحت دادو ضلعي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ تحقيق ڪري رهيو هو ته 11 نومبر تي روهيل جو ڪنڊ نالي قديم ماڳ تي ڌاڙيلن سندس ڪيمپ تي حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. اين جي مجمدار کي سنڌ ۾ قديم آثارن تي تحقيق جو بانيڪار قرار ڏنو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ٻين ماهرن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي وڌيڪ ڪم ڪيو ۽ تحقيق جا اهڙا بنياد فراهم ڪيا، جيڪي مستقبل ۾ ڪم ڪندڙ ماهرن لاءِ سونهان ثابت ٿيندا.

ڪتاب ۽ مقالا

• N. G. Majumdar, Exploration in Sind, Indus Publications, 1981
• N. G. Majumdar, A Guide to the Sculptures in the Indian Museum, Part 1, Archaeological Survey of India, 1937
• Nani Gopal Majumdar, Explorations in Art and Archaeology of South Asia: Essays Dedicated to N.G. Majumdar, Directorate of Archaeology and Museums, Government of West Bengal, 1996