رچرڊ ايڇ ميداو Richard H. Meadow
آمريڪا جي آرڪيالاجي ماهر رچرڊ ايڇ ميداو پاڪستان ۾ سنڌو سڀيتا سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي آهي. پاڻ هارورڊ يونيورسٽي مان بي اي، ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون. آرڪيالاجي جي شعبي ۾ سندس ٽيڪنيڪل فيلڊ زوآرڪيالاجي (Zooarchaeology) رهي آهي. هن قديم آثارن جي ماڳن تان ملندڙ جانورن جي باقيات ۽ نسل بابت تحقيق ڪئي آهي. پاڻ ڏکڻ ايشيا، اوڀر ايشيا، وچ اوڀر جي ملڪن ۾ قديم دور ۾ جهنگلي جانورن سميت پالجندڙ جانورن بابت کوجنا ڪئي آهي. رچرڊ ايڇ ميداو سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي ڪافي تحقيقي ڪم ڪيو آهي ۽ ان بابت ڪيترائي مقالا لکيا آهن. ڊاڪٽر رچرڊ پيباڊي ميوزم جي زوآرڪيالاجي ليبارٽري جو ڊائريڪٽر آهي. پاڻ هارورڊ يونيورسٽي ۾ اينٿروپلاجي جو سينئر ليچڪرار به رهيو آهي.
رچرڊ ايڇ ميداو پاڪستان ۾ سنڌو ماٿري جي قديم سڀيتا تي لڳاتار 35 سال ڪم ڪيو. هن هڙاپا آرڪيالاجيڪل ريسرچ پراجيڪٽ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور به ذميواريون سنڀاليون. جنهن دوران پاڻ سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي قديم ماڳن ڪراچي ڀرسان بالاڪوٽ، بلوچستان ۾ مهر ڳڙهه ۽ هڙاپا ۾ 1995ع ڌاري کوٽايون ڪرايون. هن پروفيسر جارج ايف ڊيلز سان گڏ 1970ع ڌاري بالاڪوٽ جي قديم ماڳ جي کوٽائي ڪرائي. جنهن بعد هن ٻيهر ڊاڪٽر مارڪ ڪينوائر سان گڏ بالاڪوٽ تي وڌيڪ تحقيق ڪئي. پاڻ هڙاپا تي ٿيل پنهنجي تحقيق سميت 70 کان وڌيڪ ڪتاب ۽ مقالا تحرير ڪيا آهن. رچرڊ ايڇ ميداو هڙاپا پراجيڪٽ تحت ڊاڪٽر جين فرانسڪوس جارج جي رهنمائي هيٺ بلوچستان جي مشهور قديم ماڳ مهر ڳڙهه جي به کوٽائي ڪرائي. پاڻ سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي تحقيق سميت ايران، اومان، ٿائيلينڊ، ترڪي ۽ اولهه آمريڪا ۾ به قديم ماڳن ۽ تهذيبن تي ڪم ڪيو. اسان هيٺ سندس سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي لکيل ڪتابن ۽ تحقيقي مقالن جي فهرست پيش ڪريون ٿا.
ڪتاب ۽ مقالا
• R H Meadow, B Allchin, R Allchin , C Jarrige, J.-F Jarrige, G Quivron, The Decline of the Indus Valley Cities
• Richard H. Meadow, Harappa Excavation Reports 1986-1990,
• Richard H. Meadow, The origins and spread of agriculture and pastoralism in northwestern South Asia
• Richard H. Meadow, Jean-François Jarrige,The Antecedents of Civilization in the Indus Valley, Aug 1980 • Scientific American
• Richard H. Meadow, A Comment on “Horse Remains from Surkotada” by Sándor Bökönyi, Article • Aug 2010
• Richard H. Meadow, Irene L. Good • Jonathan Mark Kenoyer, New Evidence for Early Silk in the Indus Civilization, Jun 2009 • Archaeometry
• Richard H. Meadow, The chronological and cultural significance of a steatite wig from Harappa, Feb 2002 • Iranica Antiqua
• Richard H. Meadow, Pre- and Proto-Historic Agricultural and Pastoral Transformations in Northwestern South Asia, Jan 1998
• Richard H. Meadow • F. R. Allchin • George Erdosy • R. A. E. Coningham • D. K. Chakrabarti • Bridget Allchin, The Archaeology of Early Historic South Asia: The Emergence of Cities and States, May 1997 • The Journal of Asian Studies