سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

ايس ڪليانارامائن S. Kalyanaraman

ايس ڪليانارامائن سنڌو سڀيتا تي کوجنا ڪندڙ ”سرسوتي سنڌو ريسرچ سينٽر“ چنائي جو بانيڪار آهي. پاڻ انهيءَ ريسرچ سينٽر کي والنٽري بنياد تي يعني بنا نفعي ۽ نقصان جي هلائي رهيو آهي. پاڻ ڀارت جي انامالي يونيورسٽي مان اسٽيٽسٽڪس ۽ ايڪانامڪس جي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد فلپائين جي يونيورسٽي مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. رامائن 20 سالن تائين ڀارتي حڪومت جي ريلوي ۽ ڪرناٽڪا اليڪٽرڪسٽي بورڊ ۾ اقتصادي صلاحڪار ۽ آءِ ٽي اسپيشلسٽ طور ذميواريون نڀايون. جڏهن ته ايشيائي ترقياتي بينڪ ۾ سينئر ايگزيڪيوٽو طور به فرض سرانجام ڏنا.
رامائن ملازمت دوران فارغ وقت ۾ سنڌو سرسوتي سڀيتا تي تحقيق ڪندو رهيو. هن 18 سالن جي لڳاتار محنت بعد ڀارت جي 25 قديم ٻولين بابت 15 جلدن ۾ ڪمپريٽو ڊڪشنري تيار ڪئي. جيڪو سندس وڏو ڪارنامو قرار ڏنو وڃي ٿو. پاڻ 1995ع ۾ سرڪاري ملازمت تان رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ بعد سنڌو سرسوتي سڀيتا تي تحقيق طرف مڪمل ڌيان ڏنو. پاڻ هن وقت نه فقط سرسوتي ريسرچ سينٽر جو دائريڪٽر آهي، پر ويدڪ دور تي کوجنا ڪندڙ عالمي ايسوسيئيشن جي بورڊ آف دائريڪٽرز جو به ميمبر آهي. هندو مت جو اثر وڌيڪ هجڻ سبب هن جي تحقيق جو مرڪز به هندو سڀيتا رهي آهي. ويدڪ سرسوتي ندي، هندو سڀيتا جا بنياد، سنڌو ماٿري جي لکت ۽ ٻولي تي تحقيق سندس دلچسپ موضوع رهيا آهن. پاڻ تامل، تيلگو، سنسڪرت ۽ هندي ٻولين جو به ماهر آهي. هو سنڌو سرسوتي سڀيتا ۽ هندو مذهب سميت قديم لکتن ۽ ثقافتن بابت 18 کان وڌيڪ ڪتابن جو به خالق آهي. رامائن سنڌو سڀيتا جي لکت تي به تحقيق ڪري رهيو آهي. ان بات هن پنهنجا نتيجا ڪتابي صورت ۾ پڌرا ڪيا آهن.

ڪتاب ۽ مقالا

• Indus Script deciphered: Rosetta stones, Mlecchita vilalpa, 'meluhha cipher'
• Samskrta Bharati: Indus Script Dictionary, Epigraphia Mlecchita Vikalpa, 'Meluhha cipher', 2016
• Meluhha: A visible language, 2013
• Indus Script Cipher: Hieroglyphs of Indian linguistic area, 2010
• Indus Writing in ancient Near East: Corpora and a dictionary, 2013
• Indus Script: Meluhha metalwork hieroglyphs, 2014
• Philosophy of symbolic forms in Meluhha cipher, 2014
• Rastram: Hindu history in United Indian Ocean States, 2011
• Indian hieroglyphs: Invention of writing, 2012
• Invention of Writing: Indian Sprachbund 3500 BCE, 2012
• Vedic River Sarasvati and Hindu Civilzation, 2009
• Sarasvati, 2000
• The River Sarasvati: Legend, myth and reality, 1999