سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

اسٽورٽ پگوٽ Stuart Ernest Piggott

اسٽورٽ پگوٽ Stuart Ernest Piggott

برطانوي آرڪيالاجي جي ماهر اسٽورٽ پگوٽ 28 مئي 1910ع ۾ پيٽرسفيلڊ شهر ۾ جنم ورتو ۽ 23 سيپٽمبر 1996ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ چرچرس ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ بعد کيس 1927ع ۾ برطانيه جي ريڊنگ ميوزم ۾ اسسٽنٽ طور ڀرتي ڪيو ويو. جتي هن آرڪيالاجي بابت ڪافي علم پرايو. هن هند ۽ سنڌ سميت ڪافي ملڪن ۽ خاص ڪري برطانيه ۾ پٿر دور جي قديم ماڳن تي تحقيق ڪئي. هن 1928ع ۾ ويلز ۾ رائل ڪميشن آن دي اينشنٽ اينڊ هسٽاريڪل مونومينٽس ۾ ملازمت اختيار ڪئي. ان دوارن پگوٽ قديم آثارن ۽ تاريخ تي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ۽ پاڻ مشهور آرڪيالاجسٽ الگزينڊر ڪيلر سان گڏ ڪجهه قديم ماڳن جي کوٽائي ۾ به بهرو ورتو. جيتوڻيڪ کيس آرڪيالاجي جي شعبي ۾ ڪابه ڊگري ڪانه هئي، پر پوءِ به کيس ان شعبي سان خاص دلچسپي رهي. پاڻ 1936ع ۾ سر مورٽيمر ويلر جي انسٽيٽيوٽ آف آرڪيالاجي مان ڊپلوما جي ڊگري حاصل ڪئي. ٻي عالمي جنگ دوران کيس انڊيا ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي هن برصغير جي آرڪيالاجي تي ڄاڻ حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. ان ئي دلچسپي سبب هن برصغير جي قديم تاريخ ۽ آرڪيالاجي بابت ٻه ڪتاب تحرير ڪيا. جيڪي 1946ع ۽ 1950ع ۾ شايع ٿيا. پاڻ قديم تاريخ ۽ آرڪيالاجي بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ڪيترن ئي قديم ماڳن جي کوٽائي ۾ بهرو پڻ ورتو. پاڻ 1960ع کان 1963ع تائين پري هسٽارڪ سوسائٽي جو صدر به رهيو. جڏهن ته 1963ع کان 1967ع تائين اسڪاٽ لينڊ جي قديم نوادرات بابت سوسائٽي جو صدر به رهيو. پاڻ 1967ع کان 1970ع تائين برٽش آرڪيالاجي ڪائونسل جي صدارت به سنڀالي. پاڻ دل جي دوري پوڻ سبب 23 سيپٽمبر 1996ع ۾ وينٽيج برڪشائر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڪتاب ۽ مقالا

• Some Ancient Cities of India (1946)
• Prehistoric India (1950).
• Ancient Europe, Aldine Transaction; New edition 2007
• PIGGOTT , STUART , DANIEL , GLYNE, A PICTURE BOOK OF ANCIENT BRITISH ART, CAMBRIDGE UNIVERSITY PRESS, CAMBRIDGE , FIRST EDITION 1951
• Stuart Piggott, The Dawn of Civilization, Book Human Cultures in Early Times, 1967
• Stuart Piggott, The Earliest Wheeled Transport from the Atlantic Coast to the Caspian Sea, Aug 1983