رچرڊ اسپروٽ Richard Sproat
آمريڪي سائنسدان رچرڊ اسپروٽ ڪمپيوٽر جي مدد سان ٻولين بابت کوجنا ڪندڙ ماهرن جي صف ۾ شامل آهي. پاڻ آمريڪي شهر ڪيليفورنيا ۾ جنم ورتو. هن ڪيليفورنيا يونيورسٽي مان 1981ع ۾ لسانيات جي مضمون ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي، جڏهن ته 1985ع ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. پاڻ جنوري 2009ع کان آڪٽوبر 2012ع تائين اوريگون هيلٿ اينڊ سائنس يونيورسٽي جي سينٽر فار اسپوڪن لينگوجز انڊراسٽينڊنگ ۾ پروفيسر طور ذميواريون نڀايون. ان کان اڳ پاڻ الينوس جي ٻولين بابت ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر رهيو. جڏهن ته هو بيڪمين انسٽيٽيوٽ ۾ فل ٽائيم فيڪلٽي ميمبر به آهي. اسپروٽ هيومن ڪمپيوٽر انٽرايڪشن ريسرچ ڊپارٽمنيٽ ۾ به ذميواريون ادا ڪري چڪو آهي.پاڻ قديم ٻولين ۽ ڪمپيوٽشنل لنگسٽڪس جي مختلف شعبن ۾ مهارت رکندڙ آهي. خاص ڪري ٻولين جي لکتن واري نظام کي ڪمپويٽر ايپليڪيشنز ذريعي سمجهڻ ۽ پڙهڻ بابت ڪافي تحقيق ڪئي آهي. سندس قديم لکتن کي پڙهڻ ۽ ٻولين جي لکتن واري نظام بابت 80 کان وڌيڪ ڪتاب ۽ مقالا شايع ٿيل آهن.
رچرڊ اسپروٽ سنڌو لکت بابت اها دعوى ڪئي آهي ته سنڌو ماٿري جي قديم آثارن مان مليل لکتن جا نمونا اصل ۾ ڪابه لکت يا ٻولي نه آهي. پر اهي محض ڪجهه غير لساني نشانيون آهن. هن تحقيق ۾ جيڪي ٻيا ماهر ساڻس گڏ هئا، انهن ۾ مائيڪل وٽزل (Michael Witzel) ۽ اسٽيو فارمر (Steve Farmer) شامل آهن. رچرڊ اسپروٽ ۽ سندس ساٿين مرڳو ان ڳالهه کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ته سنڌو سڀيتا جي وارثن وٽ ڪو لکت جو نظام موجود هو. سندن دعوى مطابق سنڌو ماٿري جا ماڻهو اڻ پڙهيل هيا. رچرڊ اسپروٽ جي چوڻ موجب ان ڪري هاڻي سنڌو سڀيتا جي وارثن جي انهن نشانين (لکتن) کي رسم الخط قرار ڏيڻ بند ڪرڻ گهرجي. رچرڊ اسپروٽ ۽ سندس ساٿين جي راءِ آهي ته سنڌو ماٿري جي قديم آثارن مان مليل نشانيون محض ڪن مذهبي، سياسي ۽ سماجي عملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هيون. جن جو ڪنهن لساني ڪارج يا ٻولي يا يادگيريءَ سان ڪوبه لاڳاپو نه هيو. هنن ماهرن موجب سنڌو لکت جا ڪي به ڊگها متن نه مليا آهن. ان ڪري مليل نشان ڪنهن رسم الخط جي نمائندگي نه ٿا ڪن. سندن چوڻ آهي ته هاڻي ان مفروضي کي رد ڪرڻ گهرجي ته دنيا جي پهرين الفابيٽ سنڌو ماٿري ۾ ايجاد ٿي. رچرڊ اسپروٽ ۽ سندس ساٿين جي هن دعوى کي سنڌو لکت تي تحقيق ڪندڙ ٻين ماهرن سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ قديم لکتن تي اڀياس ڪندڙ ناميارو ماهر آسڪو پرپولا، آرڪيالاجي جو ماهر ماسيمو وڊيل، لساني ماهر اروٿم مهاديون، ايم اين وهيا، نشا يادو ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪتاب ۽ مقالا
• Steve Farmer, Richard Sproat and Michael Witzel. "The Collapse of the Indus-Script Thesis: The Myth of a Literate Harappan Civilization". Electronic Journal of Vedic Studies, 11(2), 2004
• Richard Sproat. Language, Technology and Society. Oxford, Oxford University Press, 2010.
• Brian Roark, Richard Sproat. Computational Approaches to Morphology and Syntax. Oxford, Oxford University Press, 2007.
• Martin Neef, Anneke Neijt and Richard Sproat (editors) The Relation of Writing to Spoken Language. Tübingen: Niemeyer (= Linguistische Arbeiten 460), 2002.
• Richard Sproat, A Computational Theory of Writing Systems, (ACL Studies in Natural Language Processing Series), Cambridge, Cambridge University Press, 2000.
• Richard Sproat (editor), Multilingual Text-to-Speech Synthesis: The Bell Labs Approach, Boston, MA, Kluwer Academic Publishers, 1997.
• Jan van Santen, Richard Sproat, Joseph Olive and Julia Hirschberg (editors), Progress in Speech Synthesis, New York, Springer, 1997.
• Richard Sproat, Morphology and Computation, Cambridge, MA, MIT Press, 1992.
• Aamir Wali, Richard Sproat, Prakash Padakannaya and Bhuvaneshwari, B. "Model for phonemic awareness in readers of Indian script". Written Language and Literacy, 12:2, 161-169, 2009.
• Richard Sproat, Prakash Padakannaya. "Script Indices". International Conference on Cognitive Science, Allahabad, India, December 2004.