ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي Bhero Mal Adwani
سنڌ جي قديم تاريخ ۽ ثقافت سميت ٻولي تي تحقيق ڪندڙن ڏيهي ماهرن ۾ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي جو نالو به شامل رهيو آهي. پاڻ 1875ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. پاڻ ثانوي تعليم حيدرآباد مان ورتي، ڀيرو مل ايڪسائيز کاتي ۾ 28 سال نوڪري ڪئي. بعد ۾ نومبر 1924ع ۾ ڪراچي جي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. هن سنڌو ماٿري جي سڀيتا، سنڌي ٻوليءَ، سنڌ جي تاريخ تي تحقيق شروع ڪئي. هن ويدن، مهاڀارت ۽ ٻين ڪتابن کي ڀيٽي تاريخي ڪتاب ”قديم سنڌ“ لکيو، جيڪو1957ع ۾ شايع ٿيو. سندس ڪتاب”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ به تحقيق جي ميدان ۾ خاصو مقبول ٿيو. سندس اهو ڪتاب 1931ع ۾ شايع ٿيو. ڪاڪي ڀيرومل قديم تاريخ ۽ ٻولي سميت مختلف موضوعن تي 50 کان مٿي ڪتاب تحرير ڪيا. پاڻ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد ڀارت جي شهر پوني هليو ويو، جتي 1953ع ۾ وفات ڪئي.
ڪتاب ۽ مقالا
• قديم سنڌ، 1957ع
• سنڌ جي هندن جي تاريخ
• سنڌي ٻولي جي تاريخ. 1931ع
• سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ