سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

لالجي سنگهه Lalji Singh

لالجي سنگهه Lalji Singh

ڀارتي سائنسدان ۽ بائيو ٽيڪنالاجي جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر لالجي سنگهه جو جنم 5 جولاءِ 1947ع تي اتر پرديش جي ضلعي جونپور ۾ ٿيو. پاڻ ڊي اين اي ۽ فنگر پرنٽنگ ٽيڪنالاجي ۾ مهارت رکندڙ سائنسدان آهي. پاڻ انساني نسل جي ارتقا ۽ قديم دور ۾ ماڻهن جي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏپلاڻ بابت ڊي اين اي جي بنياد تي ڪافي تحقيق ڪئي آهي. ڊاڪٽر لالجي 1964ع ۾ سائنس ۾ بيچلر جي ڊگري حاصل ڪئي. جنهن بعد 1966ع ۾ زولاجي ۾ ايم ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي. هن بنارس هندو يونيورسٽي مان ئي 1971ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي. هن هند سنڌ جي قديم تهذيب، ثقافت، ۽ انساني نسل بابت سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪئي. ان ئي تحقيق جي مڃتا طور کيس 2004ع ۾ ڀارت جو وڏو ايوارڊ پدما شري عطا ڪيو ويو. لالجي سنگهه ڀارت ۾ سينٽر فار ڊي اين اي، فنگر پرنٽس ۽ ڊائگنوسٽڪس سميت ڪيترن ئي ادارن ۽ ليبارٽريز جو بنياد وڌو. پاڻ آگسٽ 2011ع کان آگسٽ 2014ع تائين بنارس هندو يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر ۽ انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي بورڊ آف گورنرس جو چيئرمين به رهيو. لالجي سنگهه سينٽر فار سيليولر اينڊ موليڪيولر بائيولاجي Centre for Cellular and Molecular Biology (CCMB) حيدرآباد دکن جو مئي 1998ع کان جولاءِ 2009ع تائين ڊائريڪٽر به رهيو. ڊاڪٽر لالجي جا 80 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا ڀارت سميت مختلف ملڪن جي ساک وارن رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. پاڻ ڊي اين اي ٽيسٽن ذريعي آرين جي سنڌو ماٿري تي حملي واري تصور کي رد ڪيو. هي پهريون سائنسدان هيو، جنهن سنڌو سڀيتا جي وارثن جي دراوڙ هجڻ ۽ هن ماٿري تي آرين جي حملي واري مفروضي کي ڊي اي اي ٽيسٽن ذريعي رد ڪيو ۽ سنڌو سڀيتا بابت مڙني هٿ ٺوڪين نظرين جر رد پيش ڪيو. آرڪيالاجي ۽ قديم تاريخ جي ماهرن موجب ڊاڪٽر لالجي جي تحقيق بعد اهو لازمي ٿي پيو آهي ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي تاريخ يعني برصغير هند سنڌ جي قديم تاريخ نئين سر لکڻ گهرجي.
لالجي سنگهه پنهنجي ساٿي سائنسدانن سان گڏ سينٽر فار سيليولر اينڊ موليڪيولر بائيولاجي ۾ 23 سالن تائين برصغير جي انساني نسلن بابت ڊي اين اي ٽيسٽن ذريعي تحقيق ڪئي. جنهن بعد ان نتيجي تي پهتو ته سنڌو ماٿري ۾ آرين يا دراوڙن جي وجود بابت ڪابه ثابتي نه ملي آهي. آرين ۽ دراوڙن بابت تصور بي بنياد هيو. جنهن کي ڪجهه ماڻهن پنهنجي ڪريل مفادن لاءِ استعمال ڪيو. اهڙي طرح لالجي سنگهه ۽ سندس ساٿين تامل ناڊو جي دراوڙ نسل پرستي ۾ مبتلا ماهرن جي ان ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي ته سنڌ ماٿري جا وارث موجوده تامل ناڊو جا رهواسي دراوڙ نسل جا هئا. ان سان گڏوگڏ سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي يورپين نسل جي آرين جي حملي جي تابوت ۾ به آخري ڪوڪو ٺوڪيو ويو. لالجي سنگهه ۽ سندس ساٿين جي پهريون ڀيرو سائنسي بنيادن تي ٿيل اها تحقيق آمريڪي جرنل American Journal of Human Genetics ۾ شايع ٿي.

ڪتاب ۽ مقالا

• You Deserve, We Conserve, (2007)
• Scientunic tell-tale of Genome and DNA, (2007)
• DNA Fingerprinting: The Witness within, (2012)
• My travails in the Witness Box, (2012)
• Lalji Singh, Priya Moorjani, Kumarasamy Thangaraj, David Reich, Periyasamy Govindaraj, Nick Patterson, Bonnie Berger, Mark Lipson, Po-Ru Loh, Genetic Evidence for Recent Population Mixture in India. American Journal of Human Genetics,Volume 93, Issue 3, p422–438, 5 September 2013.
• Singh, L.; Jones, K.W. (1986). "Bkm sequences are polymorphic in humans and are clustered in pericentric regions of various acrocentric chromosomes including the Y". Human Genetics 73: 304–308. PMID 3017839. doi:10.1007/bf00279091.
• Singh, L. (1991). "DNA profiling and its applications". Current Science 60: 580–585.
• Verma, S.K; Singh, L. (2003). "Novel universal primers establish identity of an enormous number of animal species for forensic application". Molecular Ecology Notes 3: 28–31. PMID 3017839.doi:10.1046/j.1471-8286.2003.00340.x.
• Thangaraj, K.; et, al. (2005). "Reconstructing the origin of Andaman Islanders". Science 308: 81–97. PMID 15890876.doi:10.1126/science.1109987.
• Dhandapany, P.S.; et, al. (2009). "A common MYBPC3 (cardiac myosin binding protein C) variant associated with cardiomyopathies in South Asia". Nature Genetics 41: 187–191.doi:10.1038/ng.309.