جين ميري ڪيسل Jean-Marie Casal
ڊسمبر 1977ع ۾ وفات ڪري ويو. فرانس جي حڪومت طرفان 1958ع ۾ جين ميري ڪيسل جي سربراهي ۾ ”مشن آف انڊس“ جي نالي سان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق بابت پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو. فرانسيسي حڪومت طرفان اهو پراجيڪٽ پاڪستان حڪومت جي آرڪيالاجي ۽ ميوزمس ڊپارٽمينٽ جي تعاون سان شروع ڪيو ويو. ان مشن جين ميري ڪاسل جي سربراهي هيٺ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي قديم ماڳن کي نه فقط دريافت ڪيو پر انهن جي کوٽائي به ڪرائي. انهن ماڳن ۾ سنڌ جي ٻن اهم ماڳن آمري ۽ ڪوٽڏجي ۽ بلوچستان ۾ پيرڪ، مهرڳڙهه ۽ ٻين ماڳن جي کوٽائي ڪرائي وئي. ان سان گڏ جين ميري ڪاسل افغانستان ۾ سنڌو سڀيتا جي ماڳ مينڊيگڪ جي به کوٽائي ڪرائي. مينڊيگڪ جي دريافت ۽ کوٽائي سان سنڌو سڀيتا جي جاگرافيائي حدن جي افغانستان تائين ڦهلاءَ بابت ثابتيون مليون. آمري، مهرڳڙهه ۽ ڪوٽڏجي جي کوٽائي سان سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن کان اڳ يعني 8 هزار سال ق م جي ڳوٺاڻي زرعي ثقافت بابت پتو پيو. جين ميري ڪاسل ۽ فرانس جي ٻين ماهرن جي کوجنا سان سنڌو سڀيتا تي وڌيڪ روشني پئي ۽ موهن جي دڙي جي شهري تمدن کان اڳ اسريل ڳوٺاڻي زرعي ثقافت نروار ٿي. جين ميري ڪاسل جي ڪوٽجي، آمري، منڊيگڪ ۽ ٻين ماڳن تي کوٽائي ۽ تحقيق بابت ڪتاب ۽ مقالا فرينچ زبان ۾ شايع ٿيل آهن.
ڪتاب ۽ مقالا
• Jean Marie Casal, Fouilles de Mundigak, Volume 1, Librairie C. Klincksieck, 1961
• Jean Marie Casal, Fouilles de Mundigak, Volume 2, Librairie C. Klincksieck, 1961
• Jean Marie Casal, Fouilles d'Amri: Texte, C. Klincksieck, 1964
• Jean Marie Casal, Fouilles d'Amri, Volume 2, C. Klincksieck, 1964
• Jean Marie Casal, Archéologie pakistanaise, les fouilles de Kot-Diji, 1969
• Jean Marie Casal, La civilisation de l'Indus et ses énigmes, Fayard, 1969