ماسيمو ودالي Massimo Vidale
سنڌو سڀيتا تي کوجنا ڪندڙ ماسيمو ودالي اٽلي جو ناميارو آرڪيالاجسٽ آهي، پاڻ 10 اپريل 1956ع ۾ اٽلي جي شهر باسانو ديل گراپا ۾ جنم ورتو. هن وقت پاڻ اٽلي جي پاڊوا يونيورسٽي ۾ آرڪيالاجي جي پروفيسر طور ذميواريون ادا ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ پاڻ 1990ع کان 2003ع تائين روم ۾ قديم آثارن بابت تحقيق ڪندڙ اداري آءِ ايس سي آر ۾ به آرڪيالاجي جي شعبي سان سلهاڙيل رهيو. جڏهن ته پاڻ 1995ع کان 1998ع تائين اٽلي جي يونيورسٽي گينووا جو وزيٽنگ پروفيسر به رهيو. ودالي 1999ع کان 2002ع تائين يونان ۾ اٽيلين آرڪيالاجيڪل اسڪول ۾ به قديم آثارن واري شعبي ۾ تعليم ڏيندو رهيو. پاڻ مختلف يونيورسٽين ۾ آرڪيالاجي بابت ليڪچر ڏيندو رهيو آهي. آرڪيالاجي ۾ سندس خاص شعبو قديم سڀيتائن جي دور ۾ هٿ جي ٺهيل ٿانون تي تحقيق رهيو آهي.
ودالي دنيا جي ٻين قديم تهذيبن سميت سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي به ڪافي تحقيق ڪئي آهي. کيس سنڌو سڀيتا ۽ عراق جي قديم تهذيب ميسوپوٽيما وچ ۾ واپاري لاڳاپن تي تحقيق بابت ماهر تصور ڪيو ويندو آهي. پاڻ اٽلي جي يونيورسٽي پاڊوا مان 1980ع ۾ اورينٽل آرڪيالاجي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. جڏهن ته 1987ع ۾ موهن جو دڙو مان مليل هٿ جي ٺهيل ٿانون تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ودالي اٽلي جي اورينٽل يونيورسٽيIstituto Universitario Orientale مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري جرمني ۽ اٽلي جي موهن جي دڙي تي تحقيق متعلق پراجيڪٽ تحت حاصل ڪئي. هن 1987ع کان 1988ع تائين واشنگٽن ڊي سي سمٿسونين انسٽيٽيوٽ ۾ موهن جي دڙي مان مليل زيورن ۽ خاص ڪري پٿر جي ڪنگڻن تي تحقيق به ڪئي. پروفيسر ودالي 1997ع ۾ اٽلي جي ايٿنو آرڪيالاجي انسٽيٽيوٽ جو بنياد وڌو. جنهن تحت قديم سڀيتائن بابت تحقيق جي ڪم کي وسيع ڪيو ويو. کيس اٽلي، ڏکڻ ايشيا ۽ اتر آفريقا جي قديم سڀيتائن تي فيلڊ ريسرچ جو به وڏو تجربو حاصل آهي. ودالي اٽلي، پاڪستان، ايران، ڪويت، انڊيا، نيپال ۽ ترڪمنستان ۾ ڪيترن ئي آرڪيالاجي جي پراجيڪٽن تي 25 سال کان وڌيڪ عرصو ڪم ڪيو. پاڻ پاڪستان جي سوات ماٿري ۾ آرڪيالاجي، ڪميونٽي ۽ ٽورازم پراجيڪٽ جو ميمبر به آهي. ان پراجيڪٽ تحت پاڻ سوات ماٿري ۾ ٻڌ دور جي ماڳن جي به کوٽائي ڪرائي آهي. هن پنهنجي تحقيق جي سلسلي ۾ 8 ڪتاب ۽ 300 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا تحرير ڪيا آهن، سندس تحقيقي مقالا مختلف وقتن تي دنيا جي مشهور سائنسي جنرلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. جڏهن ته سندس 2 ڪتاب ٻين ليکڪن سان گڏ به شايع ٿيا آهن.
ڪتاب ۽ مقالا
• M. Vidale, Stoneware Industry of the Indus Civilization: an Evolutionary Dead-End in History of Ceramic Technology, In D. Kingery (ed.) The Changing Roles of Ceramics in Society: 26,000 B.P. to the Present. Ceramics and Civilization, V, The American Ceramic Society, Inc., Westerville, 231- 255, 1990
• Massimo Vidale, De-constructing terracotta female figurines: a Chalcolithic case-study, Volume VI ● Issue 1/2015 ● Online First
• Massimo Vidale and Dennys Frenez, Indus Components in the Iconography of a White Marble Cylinder Seal from Konar Sandal South (Kerman, Iran),
• Massimo Vidale, An Ethno-historical and Ethno-archaeological Look to the Off-Site Archaeological locations of the Swat Valley (Khyber Pakhtunkhwa, Pakistan), Archeologia Medievale, XLI, 2014, 55-64
• M. Vidale, Stoneware Industry of the Indus Civilization: an Evolutionary Dead-End in History of Ceramic Technology, In D. Kingery (ed.) The Changing Roles of Ceramics in Society: 26,000 B.P. to the Present. Ceramics and Civilization, V, The American Ceramic Society, Inc., Westerville, 231- 255, 1990
• M. Vidale, G.M. Shar, Zahr-Muhra: Soapstone-Cutting in Contemporary Baluchistan and Sindh, Annali dell'Istituto Universitario Orientale di Napoli, 50, 1, 61-78, 1990
• M. Vidale,G. M. Sher, Surface Evidence of Craft Activity at Chanhu-Daro, March 1984, Annali dell'Istituto Universitario Orientale, 45, 585-598, 1985
• M. Vidale, H.-M. Miller, On the Development of Indus Technical Virtuosity and Its Relation to Social Structure, M. Taddei and G. De Marco (eds.) South Asian Archaeology 1997, IsIAO, Rome, 115-132, 2000
• K. Bhan, M. Vidale, J. M. Kenoyer, Harappan Technology: Theoretical and Methodological Issues. Man and Environment, XIX, 1-2, 141-157, 1994
• M. Vidale, Some aspects of Lapidary Craft at Moenjodaro in the Light of the Surface Record of the Moneer S.E. Area, In M. Jansen and G. Urban (eds.) Interim Reports Vol. 2, Aachen, 1987, 113-150, 1987
• M. Vidale, C. Balista, Towards a Geo-archaeology of Craft at Moenjodaro, in G. Leonardi, Moenjodaro: from Surface Evaluation to Ground Testing. Interim Reports Vol. 3, Roma, 93-108, 1988
• M. Vidale, On the Exploitation of Corals in the Indus Tradition, C. Jarrige and V. Lefévre (eds.) South Asian Archaeology 1991, Volume 1 Prehistory, 317-326, 2005
• M. Vidale, M. Lechevallier, Example of recent transformation processes of a Chalcolithic 'activity area' at Mehrgarh, Pakistan, South Asian Archaeology 1993, 1994