سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جا محقق

هن اھم ۽ تاريخي ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي آرڪيالاجسٽن، جيالاجسٽن، اينٿروپلاجسٽن، ٻولي ۽ لکت جي ماهرن بابت فقط اها ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا سان تحقيق متعلق ڪارگر ٿي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ سندن انهن ئي ڪتابن، مقالن، ٿيسز ۽ ٻئي مواد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪي سنڌو سڀيتا متعلق تحقيق سان لاڳاپيل آهن. رُڪ سنڌي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي تہ سنڌو سڀيتا متعلق کوجنا ڪندڙ مڙني اهم ماهرن بابت ڄاڻ ڏئي سگهي، ان سلسلي ۾ 95 ماهرن جو تعارف ۽ سندن ٿيل تحقيق کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر ان باوجود بہ ڪافي اهڙا ماهر رهجي ويا آهن، جيڪي سنڌو تهذيب تي کوجنا سان بلڪل ويجهڙائي واري وقت ۾ سلهاڙيا آهن. ليکڪ جو هي ڪتاب ايندڙ مستقبل ۾ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ سونهين طور ڪم ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 2832
  • 475
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جا محقق

يوٽي فرانڪ ووگٽ Ute Franke-Vogt

يوٽي فرانڪ ووگٽ Ute Franke-Vogt

جرمن آرڪيالاجسٽ يوٽي فرانڪ ووگٽ سنڌو سڀيتا جي اهم ماڳ موهن جو دڙو تي تحقيق ڪندڙ ماهرن ۾ شامل رهي آهي. پاڻ جرمني جي شهر ميونخ ۽ برلن ۾ آرڪيالاجي بابت تعليم حاصل ڪئي. سندس تحقيق جا مکيه موضوع وچ اوڀر ايشيا ۽ ايران جي قديم تهذيب رهي آهي. پاڻ ايران ۽ عراق ۾ قديم ماڳن جي کوٽائي ڪرائي. هن ايم اي جي ڊگري ايران ۾ تخت سليمان اسلامي دور تي تحقيق ڪري حاصل ڪئي. جڏهن ته سندس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري جو موضوع موهن جو دڙو تان مليل باقيات تي تحقيق هيو.
ووگٽ سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪرڻ لاءِ نه فقط موهن جو دڙو جي باقيات تي پي ايڇ ڊي ڪئي پر پاڻ موهن جو دڙو تي جرمن ريسرچ پراجيڪٽ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ 1981ع ۾ پاڪستان پهتي. هن هتي جرمني جي آچين يونيورسٽي جي ماهرن سان گڏ موهن جو دڙو پراجيڪٽ تي 1987ع تائين کوجنا ڪئي. يوٽي فرانڪ ووگٽ جيئن ته وچ اوڀر ايشيا جي آرڪيالاجي تي تحقيق ڪري رهي هئي، ان ئي سلسلي ۾ هن سنڌو سڀيتا ۽ ميسوپوٽيما جي تهذيب وچ ۾ واپاري لاڳاپن تي به کوجنا ڪئي. پاڻ سنڌو سڀيتا تي ٿيل تحقيق کي مختلف ڪتابن ۽ مقالن جي شڪل ۾ شايع ڪرايو.

ڪتاب ۽ مقالا

• Ute Franke-Vogt,The Archaeology of Southeastern Balochistan
• Excavations at Sohr Damb/Nal 2001-04, Baluchistan/Pakistan, 2003
• Tracking the Prehistory of Baluchistan, Las Bela, 2008
• Between Euphrates and Indus: The Arabian Peninsula from 3500–1700 BC, 2011
• The Southern Indus Valley during the later 2nd and 1st millennia B.C.: The Dark Age. 2001
• Ute Franke and Asma Ibrahim, A new perspective of an old site: Reopening excavations at Sohr Damb/Nal (Balochistan), 2005
• Ute Franke, Implications of Radiocarbon Dates from Sohr Damb/Nal, Balochistan, 2007
• Ute Franke-Vogt; European Association of South Asian Archaeologists, South Asian archaeology 2003: proceedings of the seventeenth international conference of the European Association of South Asian Archaeologists (7 - 11 July 2003, Bonn), Aachen LINDEN SOFT 2005
• Ute Franke-Vogt, Die Glyptik aus Mohenjo-Daro: Uniformitat und Variabilitat in der Induskultur : Untersuchungen zur Typologie, Ikonographie und raumlichen Verteilung (Baghdader Forschungen) (German Edition) (German), 1991